سينيٽ مان آرمي، ايئرفورسز، نيوي ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل منظور

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: سينيٽ آرمي، ايئرفورس، نيوي ترميمي ايڪٽ 2025 ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل منظور ڪري ورتا آھن.

سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت سينيٽ جو اجلاس ھيٺ ٿيو، جنھن ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجہ آصف ۽ طارق فضل چوڌري بل پيش ڪيا.

ايوان پاڪستان آرمي ايڪٽ، پاڪستان ايئرفورفسز ايڪٽ، پاڪستان نيوي ايڪٽ ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتا

سينيٽ ۾ بلنز جي منظوري دوران پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جي ميمبرن پاران بلز جي مخالفت ڪئي وئي .

ھمايون مھمند ۽ ڪامران مرتضيٰ بلن جي مخالفت ڪندي بل کي ڪميٽي ڏانھن موڪلڻ جو مطالبو ڪيو، سينيٽ چيئرمين بلن جي منظوري لاءِ ايوان کان راءِ ورتي، جنھن بعد ايوان بلن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو تہ ايوان 27 ھين آئيني ترميم منظور ڪئي ۽ ان جي ڪري آرمي، نيوي ۽ ايئرفورسز ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي ……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں