ناليواري آمريڪي اداڪارا ۽ گلوڪارا سيلينا گومز چيو آھي معيار تي سوديبازي نه ڪندس ھر ميدان تي بھتري چاھيان ٿي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڳائڻي ۽ اداڪارا سلينا گومز چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ هن جو آرام ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي ڇو ته هوءَ پنهنجي زندگي جي هر پهلوءَ ۾ بهتري آڻڻ چاهي ٿي.
ڳائڻي ۽ اداڪاره پنهنجي ذهني حالت بابت کليل طور تي ڳالهايو ۽ چيو ته مان پنهنجي زندگي جي هر شعبي ۾ بهتري محسوس ڪري رهي آهيان، مان زندگي ۾ هر شيءِ جو تجربو ڪرڻ چاهيان ٿي، ۽ منهنجي زندگي ۾ هر عمل جي پنهنجي اهميت آهي.
هن چيو ته جڏهن ڪنهن عمل مان جذبات پيدا ٿين ٿا، ته مان متاثر ٿيان ٿي ۽ ان جي اهميت کي سڃاڻان ٿي، ۽ پوءِ مان ان کي ڇڏي ڏيان ٿي ۽ اڳتي وڌان ٿي.
سلينا گومز چيو ته، “مون کي خبر ناهي ته مان ايندڙ هڪ يا ٻن سالن ۾ ڪٿي هوندس، پر مون کي پڪ آهي ته مان اڄ جيڪو ڪري رهي آهيان ان کي بهتر بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪندس.”
سيلينا گومز 2020 ۾ هڪ سينگار ڪمپني قائم ڪئي، جنهن ۾ ذهني صحت جي آگاهي ۽ تعليم سان لاڳاپيل قدم پڻ کنيا، جنهن ٿوري وقت ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي.
اداڪاره ۽ ڳائڻي چيو ته شايد اهو منهنجو بهترين ڪم هو ته ٻيا اڪيلو محسوس نه ڪن، شايد اهو منهنجي زندگي جو سڀ کان اهم ڪم هو.
سيلينا گومز فني ڪيريئر

سيلينا گومز هڪ آمريڪي اداڪاره، ڳائڻي، گيتڪار، پروڊيوسر، ۽ ڪاروباري عورت آهي، جيڪا ڊزني جي وزرڊز آف ويورلي پليس ۾ ايليڪس روسو جي ڪردار ۽ “ڪم اينڊ گيٽ اِٽ” ۽ “لوُز يو ٽو، لو مي” جهڙن هٽ گيتن لاءِ مشهور آهي.
سلينا گومز کي وڌندڙ عمر جو خوف؟
سلينا گومز پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ’کيس وڏو ٿيڻ پسند آھي، وڌندڙ عمر مان کيس ڪو بھ خوف نه آھي
ھن چيو ته ’جڏهن هوءَ ننڍي ھئي تھ پيريءِ کان ڊڄندي ھئي پر بعد سندس سوچ ۽ ويچار تبديل ٿي ويا .
سلينا گومز چيو تھ ھاڻ ھو ان ڳالھھ کان گھٻرائندي نه آھي ھاڻ سوچيندي آھي ته اھو سڀ ائين نه ھو جيئن ھو سوچيندي ھئي يا کيس اھڙي اميد ھئي، ھاڻ ھو تمام پھرين کان گھڻي پرجوش آھي.