اسلام آباد : سينيٽر سيف الله ابڙو چيو آهي تہ بنيادي نقطو اهو آهي تہ پي ٽي آءِ 27هين آئيني ترميم جي مخالفت ئي نہ ڪئي، علي ظفر جي اڳواڻي کان بهتر آهي تہ ماڻهو ڊي چوڪ تي وڃي ڌرڻو هڻي.
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالھائيندي سينيٽر سيف الله ابڙو چيو تہ علي ظفر اڳواڻي ڪرڻ جي قابل ئي ناھي، عون عباس تہ ڪنهن پارلياماني اجلاس ۾ هو ئي نہ، عون عباس جيڪڏھن ڪٿي نظر اچي ها تہ انهي کي چوان ها تہ اچو ڪٿي ويهي فيصلو ڪريون ٿا،پي ٽي آءِ باني گهرو وزارت جي ڪميٽي چيئرمين لاءِ منهنجو نالو ڏنو هو.
سيف الله ابڙو الزام لڳايو تہ اسان جي ماڻهن حڪومتي ماڻهن سان گڏجي مون کان ڪميٽي چيئرمين شپ ڦري، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، شيري رحمان ۽ اعظم نذير تارڙ سان گڏجي ڪميٽي چيئرمين شپ ڦري وئي، اهي پهريان ئي پاور ڪميٽي ۾ مون کان تنگ هئا، انهي ڪري مون کي گهرو وزارت جي ڪميٽي جو عهدو نہ ڏنو ويو، اهو سڀ ڪجهہ عون عباس ۽ علي ظفر جي ڪري ٿيو. حڪومت سان گڏجي مون کان ڪميٽي چيئرمين شپ ڦري وئي.
هن وڌيڪ چيو تہ علي ظفر اسان کي احتجاج جو ٻڌائيندو جيڪو پاڻ ئي انهن جي آفيسن ۾ ويٺل هوندو آهي، فردوس شميم نقوي منهنجي پويان لڳل هو، توڙي جو مان زرداري جو مخالف هئس، عون عباس کي پنجاب جو صدر بڻايو ويو، انهي 9 مئي کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.
سيف الله ابڙو چيو تہ مون بدترين حالتن باوجود پارٽي تان استعيفيٰ نہ ڏني، ڪهڙو پارٽي اڳواڻ آهي جيڪو استعيفيٰ ڏئي ويو ۽ پوءِ واپس پارٽي ۾ اچي ويو، فواد چوڌري، عمران اسماعيل پارٽي ۾ واپس نہ پيا اچن، عون عباس ڪيئن اچي ويو، اڃان تائين فردوس شميم نقوي بہ ڪوششون ڪري رھيو آهي تہ اسد عمر پارٽي ۾ واپس اچي وڃي.
هن وڌيڪ چيو تہ اسد قيصر سندن ليڊر آهي، ڪجهہ ڏينهن اڳ چئي رھيو هو تہ سيف الله ابڙو غداي ڪئي، پرويز خٽڪ سان گڏ اسد قيصر پاڻ پريس ڪانفرنس جي لاءِ ويٺل هو، اسد قيصر کي هڪ سينيٽر ئي پريس ڪانفرنس لاءِ وٺي آيو هو انهي کي سڀ خبر ھئي.
سيف الله ابڙو چيو تہ اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ سان ڪابہ راند ناهي کيڏي وئي پر اهي هڪ گاڏي ۾ پاڻ ويهي ويا، پارٽي طرفان ڪو بہ ليٽر جاري نہ ڪيو ويو نہ ئي مون کي ڪو شوڪاز يا خط مليو آهي، اها سوشل ميڊيا جي پارٽي بڻجي وئي آهي، هي سڀ ڪجهہ سوشل ميڊيا تي وجهي ڇڏيندا آهن مون کي ڪجهہ بہ نہ مليو، 10 تاريخ تي ووٽنگ ٿي، شام جو فردوس شميم چيو تہ اسان سينيٽر کي ڪڍي ڇڏيو.
سينيٽر سيف الله ابڙو وڌيڪ چيو تہ شميم نقوي کان پڇيو وڃي تہ ابڙو کي ڪٿي ۽ ڪيئن ليٽر لکيو ويو، 63 اي بابت مون کي ڪوبہ خط نہ مليو نہ ئي انهي جي ڪا اطلاع ملي….