ڪراچي: پاڪستان ۾ سون جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جاري آھي.
پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ اضافي کانپوءِ هاڻي وڏي پئماني تي گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيويلر ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت 25 هزار 500 رپين جي گهٽتائي سان 5 لک 11 هزار 862 رپيا ٿي وئي آهي.
اھڙي طرح 10 گرام سون جي قيمت 21 هزار 862 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 38 هزار 839 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي طرف، عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 255 ڊالر جي گهٽتائي سان 4895 في ڊالر تي پهچي وئي آهي.
ملڪ ۾ گذريل ڏينهن سون جو في تولو 35 هزار 500 رپيا سستو ٿيو هو ۽ اڄ 25 هزار 500 رپين جي وڌيڪ گهٽتائي سان سون مجموعي طور 61 هزار رپيا سستو ٿي چڪو آهي……