فيڊرل بورڊ آف ريونيون (FBR) هڪ نئين تجويز جاري ڪئي آهي جنهن تحت پاڪستان کان ٻاهر رندڙ اهي سوشل ميڊيا اڪائونٽ هولڊرز جيڪي پاڪستان ۾ 50,000 کان وڌيڪ سبسڪرائبرز رکندا آهن، انهن تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.
ٽيڪس سال ۾ 50,000 کان وڌيڪ سبسڪرائبرز، يا ٽن مهينن (ڪوٽر) ۾ 12,250 کان وڌيڪ سبسڪرائبرز رکندڙ اڪائونٽس لاءِ يوٽيوب ۽ ٻين مونيٽائزڊ ڊيجيٽل چينلز ذريعي حاصل ٿيندڙ آمدني تي ٽيڪس لازمي هوندو.
غير مقيم اڪائونٽ هولڊرز جن جا صارف يا سبسڪرائبرز اهڙا آهن، انهن کي پاڪستان ۾ “نمايان معاشي موجودگي” سمجهيو ويندو.
مقيم ۽ غير مقيم ٻنهي لاءِ سوشل ميڊيا ذريعي آمدني حاصل ڪرڻ وارن لاءِ سه ماهي ادائيگي ۽ خاص انڪم ٽيڪس ريٽرن فائل ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.ئ
هي قدم آن لائن آمدني کي ٽيڪس نظام ۾ آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ ڊجيٽل معيشت کي منظم ڪرڻ لاءِ کنيو پيو وڃي.