سوئٽزرلينڊ جي لگزري ريزورٽ جي بار ۾ زوردار ڌماڪي کانپوءِ باھ ڀڙڪي پئي، جنھن ۾ تقريبن 40 ڄڻا مارجي ويا آھن
پرڏيھي ميڊيا موجب سوئس پوليس ٻڌايو آهي تہ ڪرانس مونٽانا جي لگزري اِسڪي ريزورٽ جي هڪ بار ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو .
سوئس پوليس موجب تہ ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ۽ زخمي ٿيا آھنن، جڏھن تہ مارجي ويل ۽ زخمين جي صحيح انگ جي خبر ناھي پئجي سگھي .
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ بار ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ تقريبن 40 ڄڻا مارجي ويا آھن ۽ 100 ڄڻا زخمي ٿيا آھن، زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.
پوليس موجب اربع ۽ خميس جي رات جو ھڪ لڳي 30 منٽن تي سياحت لاءِ مشھور اِسڪي زيزورٽ ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي وقت نيوايئر نائٽ ملھائڻ لاءِ ماڻھن جو وڏو انگ موجود ھو………