سنڌ ۾ 12 لک ٽن ڪڻڪ موجود آھي پر وفاقي حڪومت مناسب قيمت تي وٺڻ لاءِ تيار نہ آھي: شرجيل ميمڻ

فہرستِ مضامین

ڪراچي ( رپورٽ: شبير لاشاري( سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ  وفاقي حڪومت جي ڪڻڪ پاليسي تي تنقيد ڪندي چيو آھي تہ صدر آصف علي زرداري جي چوڻ تي جيڪڏھن ھارين کي سپورٽ پرائس ڏني وڃي ھا تہ اڄ پاڪستان کي اربين رپيا خرچ ڪري ڪڻڪ ٻاھران گھرائڻ نہ گھرجي ھا، وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي ۽ پنھنجي پاليسين کي تبديل ڪري.

ڪراچي ۾ يلو لائن بي آر ٽي منصوبي جي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ سنڌ ۾ اڃا بہ 12 لک ٽن ڪڻڪ موجود آھي پر وفاقي حڪومت پنھنجي ھارين کان مناسب قيمت تي ڪڻڪ وٺڻ لاءِ تيار نہ آھي.

ھن چيو تہ  پنجاب ۾ ٻوڏ سبب گھٽ تباھي اچي ھا، جيڪڏھن پلاننگ ڪئي وڃي ھا پر اڻ تجربيڪاري سبب نقصان وڌي ويو، سنڌ ۾ وڏو وزير پاڻ مانيٽر ڪري رھيو ھو، ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو ھو، جنھن سبب نقصان کي گھٽ ڪيو ويو.

ڄام صادق پل ھڪ ھفتي اندر مڪمل ٿي ويندي

ھن چيو تہ صوبائي حڪومت ورلڊ بينڪ جي سھڪار سان يلو لائن بي آر ٽي منصوبي تي ڏينھن رات ڪم ڪري رھي آھي، منصوبي جي ڊيپوز ۽ ٻيون تعميراتي سرگرميون تيزي سان جاري آھن، سينيٽر تاج حيدر مرحوم جي نالي سان منسوب پُل پنھنجي آخري مرحلي ۾ آھي.حڪومت جي ڪوشش آھي تہ پُل ھڪ ھفتي جي اندر مڪمل ڪري عوام لاءِ کولي ويندي.

ھڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو تہ اڪثر وڏن منصوبن ۾ يوٽيلٽيز جي منتقلي جھڙا مسئلا ايندا رھندا آھن، ريڊ لائن منصوبي ۾ ڪنھن بہ نوعيت جون ڏکيائيون اينديون رھنديون آھن، پي ٽي سي ايل ۽ ڪي اليڪٽرڪ طرفان ڪروڙ رپيا خرچ گھريو ويو، جنھن سبب اڳڀرائي متاثر ٿي.

سينيئر صوبائي وزير ٻڌايو تہ سينيٽر تاج حيدر پُل جي افتتاح کانپوءِ ڄام صادق پل کي ڊاھي نئين طرز تي ٻيھر ٺاھيو ويندو، نئين پل ۾ پنڌ ھلڻ وارن، سائيڪل سوارن ۽ موٽرسائيڪل سوارن لاءِ ڌار ٽريڪس ٺاھيون وينديون، جيئن شھرين کي محفوظ سھولتون فراھم ڪري سگھجن.

عورتن کي پنڪ اسڪوٽر مفت ۾ ڏنا ويندا

سفري سھولتن جي حوالي سان ڳالھائيندي شرجيل ميمڻ چيو تہ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جديد سفري سھولتون فراھم ڪري رھي آھي، ھن ھفتي عورتن لاءِ خصوص طور تي “ پنڪ اسڪوٽرز” ورھايا ويندا، جيڪي انھن کي مفت ۾ ڏنا ويندا تہ جيئن عورتون پنھنجي سفري ضرورتون بھتر طريقي سان پوري ڪري سگھن.ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ ايندڙ ڪجھ ھفتن ۾ ڊبل ڊيڪر بسون ۽ برقي بسن جون وڏو ٻيڙو ڪراچي پھچندو.

شرجيل ميمڻ چيو تہ صدر آصف علي زرداري چين جي ھاڻوڪي دوري دوران اھم ملاقاتون ڪيون، جن ۾سنڌ اندر برقي ۽ عام بسن جي تياري لاءِ مينو فيڪچرنگ پلانٽس لڳائڻ تي ڳالھيون ٿيون، ان اڳڀرائي جي نتيجي ۾ نہ رڳو عوام کي بھتر سفري سھولتون ملنديون پر مقامي سطح تي بہ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

ڌاٻيجي اڪنامڪ زون ۾ سيڙپڪاري

سينيئر صوبائي وزير چيو تہ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ چيني سيڙپڪارن ڀرپور دلچسپي ظاھر ڪئي آھي، جتي نيون صنعتون لڳنديون ۽ نوجوانن کي روزگار ملندو، صدر آصف علي زرداري چين جي دوري دوران خاص طور تي ان ڳالھ تي زور ڏنو تہ پاڪستان جي معيشت کي بھتر ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ صنعتون قائم ڪيون وينديون ۽ مقامي ماڻھن کي تربيت ڏئي روزگار قابل بڻايو ويندو.

صحافي امتياز تي حملو

ڪراچي ۾ اينڪر ۽ صحافي امتياز مير تي حملي بابت سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو تہ سنڌ حڪومت فوري ڪارروائي ڪئي آھي، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آھي، ذميوارن کي گرفتار ڪيو ويندو، ھن زخمي صحافي لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪندي چيو تہ حڪومت سندس مڪمل معاونت ڪندي.

پنجاب حڪومت جو رويو افسوسناڪ

پنجاب جي ھڪ صحافي طرفان سنڌين خلاف توھين جوڳي ٻولي ڳالھائڻ بابت سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو تہ اھڙو رويو افسوسناڪ آھي، پاليسين تي اختلاف ٿي سگھي ٿو پر ھڪ ڪميونٽي کي نشانو بڻائڻ جو ڪنھن کي بہ حق نہ آھي، ھن وقت سياسي اختلافن ۾ پوڻ بدران ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ گھرجي، عظميٰ بخاري جي ڳالھين جو جواب نہ ڏيندس.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں