سنڌ  ۾ گريڊ 5 کان 15 تائين سرڪاري نوڪرين تي لڳل پابندي ختم

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌحڪومت صوبي ۾ گريڊ 5 کان 15 تائين ڀرتين تي پابندي  ڪري ڇڏي  آھي، انھي حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي.

سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، گريڊ 5 کان 15 تائين سرڪاري ڀرتين تي لڳل پابندي ختم ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي تہ لاڳاپيل کاتا پنهنجي ضابطن جي موجب ڀرتيون شروع ڪن.

ياد رھي تہ 28 آڪٽوبر تي وڏي وزير مراد علي شاهہ ڪراچي ۾ سنڌ جاب پورٽل جو افتتاح ڪيو هو. افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير چيو تہ گريڊ 1 کان 5 جي نوڪرين جو عمل ايندڙ 15 ڏينهن ۾ شروع ٿي ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں