ڪراچي ( رپورٽ: شبير لاشاري ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ڪچي واري علائقي ۾ ڏوھن ۾ ملوث ڌاڙيلن ۽ ڪراچي ۾ غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف حڪومت جي زيرو ٽالرنس پاليسي تي سخت عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي تہ اسين ڪنهن به مافيا کي عوام جو استحصال ڪرڻ جي اجازت نہ ڏينداسين، پاڻي عوام جو بنيادي حق آهي ۽ ان جو تحفظ هر صورت ۾ ڪيو ويندو۔
اڱاري ڏينهن وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪچي جي علائقن ۾ سيڪيورٽي آپريشن ۽ ڪراچي جي پاڻي فراهمي جي مسئلن بابت ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي۔
وڏي وزير ڪچي جي علائقن ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ڌاڙيلن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جا فيصلا ڪيا۔
سريندر ڪندڙ ڏوھارين کي قانوني رستو ڏنو ويندو
هن زور ڀريو تہ امن لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، ڏوھارين خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي ۽ جيڪي سرينڊر ڪندا تن کي قانوني رستو ڏنو ويندو۔ وڏي وزير چيو اسان ڪچي علائقي کي پرامن بڻائڻ لاءِ سخت قدم کڻنداسين پر جيڪي هٿيار ڦٽا ڪندا انهن کي سڌرڻ جو موقعو ڏنو ويندو۔
159 ڌاڙيلن کي ماريو ويو: اجلاس کي آگاھي
اجلاس کي ٻڌايو ويو تہ آڪٽوبر 2024 کان ڪچي ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آپريشنن ۾ تيزي آئي، جن جي نتيجي ۾ 760 ٽارگيٽيڊ آپريشن ۽ 352 سرچ آپريشن ڪيا ويا۔ جنوري 2024 کان اڄ تائين لڳ ڀڳ 159 ڌاڙيل مارجي ويا، 823 گرفتار ٿيا ۽ 8 انتھائي گھربل ڏوھارين کي ماريو ويو.
اجلاس ۾ ڪچي جي علائقي وارن ترقياتي منصوبن تي پڻ غور ڪيو ويو جن ۾ روڊ، اسڪول، اسپتال، ڊسپينسريون، ٽرانسپورٽ سهولتون ۽ تازي ٻوڏ کانپوءِ شروع ٿيندڙ گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو منصوبو شامل آهي۔
ڪراچي بابت اجلاس ۾ غير قانوني هائيڊرنٽس ۽ ٽينڪر مافيا خلاف اپائن جو جائزو ورتو ويو، ٻڌايو ويو تہ 243 غير قانوني هائيڊرنٽ ڊاهيا ويا، 212 ايف آءِ آر درج ٿيون ۽ 103 ماڻهو گرفتار ٿيا۔
ٽينڪرن جي رجسٽريشن لاءِ ڪيو آر ڪوڊ سسٽم متعارف
ٽينڪرن جي رجسٽريشن لاءِ ڪيو آر ڪوڊ سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي تہ جيئن شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي۔ انهن اپائن جي نتيجي ۾ واٽر بورڊ کي 6 ڪروڙ رپين جي اضافي آمدني حاصل ٿي آهي۔
وڏي وزير ٻيهر واضح ڪيو تہ ڪراچي جي عوام جو استحصال ٿيڻ نہ ڏنو ويندو، پاڻي عوام جو حق آهي ۽ ان جو تحفظ هر قيمت تي ڪيو ويندو۔