سنڌ ۾ ٿرڊ پارٽي انشورنس نئين سال کان لاڳو ڪرڻ جو فيصلو، ڪابينا ٿرڊ پارٽي انشورنس تي سيلز ٽيڪس گھٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ ۾ ٿرڊ پارٽي انشورنس نئين سال کان لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ ڪابينا ٿرڊ پارٽي انشورنس تي سيلز ٽيڪس 15 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 5 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سي سي آءِ بابت معاملا ايس جي اينڊ سي ڊي کان واپس وٺي آءِ پي سي کاتي کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهہ جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، سنڌ ڪابينا گذريل ڪابينا اجلاس جي منٽس جي منظوري ڏني،  وڏي وزير کي ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس تي غور ڪيو پيو وڃي.

وڏي وزير جي هدايت تي انشورنس ايسوسيئيشن آف پاڪستان سان صلاح مشورو ڪيا ويا آهن، انهن سان 2 اجلاس ٿيا آهن.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٿرڊ پارٽي انشورنس لاڳو ڪرڻ لاءِ موٽر وھيڪل آرڊيننس ۾ ترميم ڪئي ويندي، ٿرڊ پارٽي انشورنس نئين سال کان لاڳو ٿيندي.

ٿرڊ پارٽي موٽر انشورنس تي سيلز ٽيڪس 15 سيڪڙو کان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، حادثن ۾ متاثر ڌرين کي معاوضي جو قانوني حق حاصل هوندو.

وڏي وزير مراد علي شاهہ جو چوڻ هو تہ اڪثر حادثن جي صورت ۾ متاثر ڌر کي معاوضو ناهي ملندو، حڪومت اهڙا قدم کڻندي جنهن سان متاثر ڌر کي معاوضو ملي سگهي.

وڏي وزير هدايت ڪندي چيو تہ انشورنس ڪليمز لاءِ 24 ڪلاڪ هيلپ لائن قائم ڪئي وڃي، سنڌ ڪابينا موٽر وھيڪل ايڪٽ جي شق 19 ۽ 20 ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير ترميم جي منظوري لاءِ بل اسيمبلي کي موڪلي ڇڏيو.

سنڌ ڪابينا جي انٽر پروونشل ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ جي قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميم جي بہ منظوري ڏني، سنڌ ڪابينا سنڌ گورنمينٽ رولز آف بزنس 1986ع کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جي بہ منظوري ڏئي ڇڏي.

آءِ پي سي کاتي کي صوبائي سطح تي سي سي آءِ ۽ آءِ پي سي سي جو انتظامي کاتي مقرر ڪيو ويو، آءِ پي سي ڊپارٽمينٽ پاليسي ٿنڪ ٽينڪ طور تي ڪم ڪندو، بين الصوبائي ۽ وفاقي معاملن ۾ رابطاڪاري وڌيڪ فائديمند بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

مختلف کاتن جي وچ ۾ اختيارن جي ٻٽي ورھاست ختم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ سي سي آءِ بابت معاملا ايس جي اي اينڊ سي ڊي کان واپس وٺي آءِ پي سي ڊپارٽمينٽ کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪابينا سمورين تجويزن جي قطعي منظوري ڏئي ڇڏي.

سنڌ ڪابينا وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ڪراچي ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ دانش اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ زمين الاٽ ڪري ڇڏي، ٽنڊي محمد خان ۾ ڪابينا دانش اسڪول لاءِ 12.2 ايڪڙ ايراضي الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

سنڌ ڪابينا طرفان سنڌ لينڊ روينيو ايڪٽ ۾ ترميمي بل 2025ع جي بہ منظوري ڏني وئي، سنڌ ڪابينا لينڊ روينيو ايڪٽ 1967ع ۾ ترميم ڪري بل سنڌ اسيمبلي موڪلي ڇڏيو.

وڏي وزير مراد علي شاهہ جو چوڻ هو تہ زمينن جي رڪارڊ کي بلاڪ چين بيسڊ ڊيٽا بيس تي محفوظ ڪيو ويندو.

ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته سکر آءِ بي اي يونيورسٽي منصوبي جي سروس پرووائيڊر هوندي، مٽياري ۽ سکر جي چونڊيل ديهين ۾ پائلٽ پراجيڪٽ جاري آهي.

ڪابينا بورڊ آف روينيو سنڌ ۽ آءِ بي اي سکر جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي، سنڌ ڪابينا طرفان صوبي ۾ تڪڙا سڌارا آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي.

سنڌ ڪابينا ملير، چنيسر ۽ لياري جي چونڊيل ميونسپل اسڪولن جي مينيجمينٽ لاءِ ٽي سي ايف سان معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي، 21ميونسپل اسڪولن ۾ مفت معياري تعليم، يونيفارم ۽ تعليمي سامان فراهم ڪيو ويندو.

ڪابينا ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ ٽي سي ايف اسڪولن جي تعمير، مرمت ۽ انتظاميا معاملن جي ذميوار هوندي، ميونسپل ڪارپوريشنز زمين ۽ عمارتون مفت فراهم ڪيون وينديون. معاهدو 25 سالن لاءِ طئي ڪيو ويو آهي بعد ۾ گڏيل رضامندي سان واڌ ٿي سگهندي، ڪابينا جي منظوري کانپوءِ اسڪولن جي فوري تعمير ۽ بحالي ۽ فعال ڪاري ممڪن ٿيندي، بلدياتي کاتي جي سفارش تي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي.

ڪابينا سنڌ لينڊ مئنيجمينٽ اينڊ ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽڊ کي بند ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ لينڊ مينيجمينٽ ڪمپني سن 2010ع ۾ بورڊ آف روينيو تحت قائم ڪئي وئي هئي، اها ڪمپني زمين جي ترقياتي منصوبابندي ۽ منصوبن تي ڪم ڪندي هئي.

ڪمپني شهري، رھائشي، تجارتي ۽ صنعتي پلاٽن جي منصوبابندي بہ ڪندي هئي، ذوالفقار آباد سٽي کي ڊولپمينٽ اٿارٽي بڻائڻ ۽ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ کانپوءِ لينڊ مينيجمينٽ ڪمپني جو ڪردار ختم ٿي ويو آهي، ڪابينا ڪمپني کي بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

سنڌ ڪابينا صنعتي علائقن جي ترقي لاءِ 2.9 ارب رپين جي منظوري ڏني، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته شهر جي تمام صنعتي علائقن جي روڊن ۽ نيڪال جي نظام جي مرمت ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت صنعتي ترقي لاءِ پرعزم آهي.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت صوبي جي ٻي انڊسٽريل اسٽيٽس لاءِ الڳ پيڪيج جو اعلان ڪندي، صوبي جي ٻين شهرن جي صنعتي اسٽيٽس جي ترقي لاءِ انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ ڪم ڪري رھيو آهي.

سندس چوڻ هو تہ جيئن ئي ترقياتي منصوبو تيار ٿي ويندو، پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو، 23 ضلعن ۾ عوامي ڪچهريون منعقد ڪيون ويون هيون.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته عوامي ڪچهرين ۾ امن امان، پوليس، صحت جي سهولتن، مڪاني خدمتن، واٽر سپلاءِ، روڊن، آبپاشي ۽ تعليم بابت شڪايتون مليون آهن.

وڏي وزير جو چوڻ هو تہ سمورن کاتن کي هدايت ڏني آهي تہ اهي عوامي شڪايتن جو ازالو ڪري رپورٽ پيش ڪن.

وڏي وزير مراد علي شاهه حڪم ڏنو ته جنوري جي ٻئي هفتي کان ٻيهر عوامي ڪچهريون شروع ڪيون وينديون، جيڪڏهن انهن شڪايتن جو ازالو نه ٿيو ته لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں