سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي سنڌ ۾ ستين ڏينھن احتجاج ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي آھي، سرڪاري آفيسن ۽ اسڪولن کانسواءِ اسپتالن جي او پي ڊيز جو بہ بائيڪاٽ ڪيو ويو آھي.
حيدرآباد، قمبر، شھدادڪوٽ، ڪنب، ڊکڻ، راڄوخاناڻي، خانپور مھر ۾ سرڪاري آفيسن ۽ اسڪولن ۾ تالابندي ڪئي وئي آھي.
سنڌ ايمپلائيز الائنس جي احتجاج جي سڏ تي سول اسپتال حيدرآباد، تعلقہ اسپتال، سروسز اسپتال سميت ضلعي جون سمورين اسپتالن ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ۽ ڪم ڇڏ هڙتال آھي، جنھن سبب مريض رلي ويا آھن.
ڄام صاحب ۽ ڀرپاسي جي اسڪولن ۾ استادن پاران ھڙتال ڪئي وئي آھي، ستين ڏينهن بہ گورنمينٽ بوائز هائي سيڪنڊري اسڪول ۾ تالا بندي جاري رهي، جڏهن تہ ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
شھدادڪوٽ ۾ بہ سرڪاري ملازمن جو احتجاج جاري آهي، ستين ڏينهن بہ شھر جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي تالابندي برقرار آهي، جڏهن تہ تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ ملازمن پاران او پي ڊي پڻ بند رکي وئي آهي.
ملازم اڳواڻن جو چوڻ آهي تہ پينشن رولز ۾ تبديلي واپس وٺڻ ۽ ڊي آر اي ڏيڻ سميت سمورن مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.