سنڌ ۾ به ڪشميرين سان يڪجھتي جي اظھار لاءِ ريليون

فہرستِ مضامین

اسلام آباد/ڪراچي: سڄي ملڪ جيان ڪراچي سميت سنڌ ۾ بھ والاريل ڪشمير جي رھواسين سان يڪجھتي جي اظھار  ۽ ڀارتي والار خلاف احتجاج لاءِ تقريبون ۽ ميڙاڪا ڪرڻ کانسواءِ ريليون بھ ڪڍيون ويون آھن.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شھيد بينظيرآباد جي ننڍن وڏن شھرن ۾ ڪشميرين سان يڪجھتي جي اظھار لاءِ ريليون ڪڍڻ جو سلسلو جاري آھي.

ڪشمور ضلعي جي ھيڊڪوارٽر ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي انتظاميا ۽ ٻين ادارن پاران مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون، ڊي سي ڪشمور آغا شير زمان جي اڳواڻيءَ ۾ ڊي سي آفيس کان گھنٽا گھر تائين ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ شريڪ ماڻھن پاران ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف نعرا هنيا ويا ۽ پاڪستان ۽ ڪشمير جا جھنڊا بھ ڦڙڪايا ويا، ڊي سي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تھ ڪشمير پاڪستان جو اڻٽٽ انگ آھي.

ريلي ۾ استادن، شاگردن، پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن کانسواءِ سول سوسائٽي جي نمائندن توڙي شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، مظاھرين پاران عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ ختم ڪرائڻ جي اپيل ڪئي وئي.

لاڙڪاڻو، سکر، جيڪب آباد، شڪارپور، بدين، ٺٽو، عمرڪوٽ، مٺي ۽ ٻين شھرن ۾ بھ ڪشميرين سان ايڪتا جي اظھار لاءِ ريليون ڪڍيون ويون.

رتوديرو ۾ بھ ڪشميرين سان يڪجھتي جي اظھار لاءِ ريلي ڪڍي وئي، پرائمري اسڪول جي استادن، شاگردن ۽ سرڪاري ملازمن توڙي شھرين ريلي ۾ شرڪت ڪئي.

اسسٽنٽ ڪمشنر سرمد مھر، ٽي اي او پرائمري عبدالقيوم ڪرٽيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي شھر جي مختلف علائقن کان ٿيندي بس اسٽينڊ وٽ پھتي، جتي ڀارتي والار خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

ڪشمير جي استحصال جو ڏھاڙو

5 آگسٽ 2019 تي ڀارت ملڪي آئين ۾ ترميم ڪندي والاريل ڪشمير جي رياست واري خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي ھئي، ڀارتي قدم جو مقصد ڪشميرين کي والاريل وادي اندر اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ھو.

ڀارت 5 آگسٽ 2019 تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڪرفيو لاڳو ڪندي موبائيل نيٽ ورڪ ۽ انٽرنيٽ سروس بھ معطل ڪري ڇڏي ھئي، پارليامينٽ مان آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪيو ويو.

آرٽيڪل 35 اي تحت ڀارت جا ٻيا شھري والاريل ڪشمير ۾ مستقل شھريت ۽ ملڪيتن جي خريداري ڪرڻ جا اھل نھ ھئا، ان آرٽيڪل جي خاتمي سان ڪشميرين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آھي.

آرٽيڪل 35 اي جي خاتمي بعد ڀارت جي ڪنھن بھ علائقي جا ماڻھو ھاڻي والاريل ڪشمير ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ سان گڏ مستقل رھائش بھ اختيار ڪري سگھن ٿا.

ڪشميرين کي خدشو آھي تھ 35 اي جي خاتمي سان ھاڻي وڏي انگ ۾ ڀارت جي مختلف علائقن جا ھندو سندن علائقن ۾ آباد ٿي ويندا ۽ رياست جا اصلوڪا ڪشميري اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا.

صدر آصف علي زرداري جو پيغام

صدر آصف علي زرداري 5 آگسٽ جي ڏھاڙي لاءِ پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي تھ ڀارت جي تازي اڳرائي جي پسمنظر ۾ ھن سال ڪشميرين جي استحصال وارو ڏھاڙو وڌيڪ اھميت اختيار ڪري ويو آھي.

صدر چيو تھ ڀارت 5 آگسٽ 2019 تي والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي، ڀارتي قدم جو مقصد ڪشميرين جي خود اراديت يعني پاڻ فيصلو ڪرڻ واري حق کي ڪمزور ڪرڻ ھو.

صدر آصف علي زرداري چيو تھ ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير جي ڊيموگرافي ۽ سياسي نقشو تبديل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، جن ۾ من پسند تڪ بنديون ۽ غير ڪشميرين کي ووٽر لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جھڙا قدم شامل آھن.

صدر چيو تھ ڪشميرين کي سندن ئي وطن ۾ بي اختيار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، والاريل ڪشمير جو عوام ڌمڪين، بي جواز گرفتارين ۽ محاصرن جو شڪار آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں