صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ برساتن سبب سمورن ادارن کي تيار رھڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
صدر آصف زرداري صوبائي حڪومت، ضلعي انتظاميه ۽ مڪاني ادارن کي برسات ۽ امڪاني ٻوڏ کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار رھڻ جي ھدايت ڪندي چيو ته ھيٺانھين وارن علائقن ۾ انتظام يقيني بڻايا وڃن.
سندس چوڻ ھو ته برسات واري صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ئي انتظام ڪيا وڃن. .
ھن چيو ته حب ڊيم ۽ ٻين آبي ذخيرن تي نظر رکي وڃي، صورتحال کي مسلسل مانيٽر ڪيو وڃي..
صدر آصف علي زرداري چيو ته ضرورت پوڻ تي ماڻھن جي محفوظ ھنڌن تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي……..