سنڌ ۾ برسات، درياءَ ۾ پاڻي وهڪرا وڌي ويا، نيئون وهي آيون

فہرستِ مضامین

سنڌ جَي مختلف ضلعن ۾ برسات کانپوءِ شهرن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ نيئون وهڻ سبب رهواسين ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي آهي.

سنڌو درياھ جي وھڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آھي، سنڌ ۾ پاڻيءَ جا وڌيڪ وھڪرا داخل ٿيڻ بعد گڊو بيراج وٽ وچولي درجي واري ٻوڏ برقرار آھي.

آبپاشي کاتي ٽيون ڀيرو گڊو بئراج وٽ وچين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ ٻه ڀيرا پاڻي جي سطح وڌڻ سبب گڊو بئراج ۽ سکر بئراج وٽ آبپاشي کاتي پاران وچين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي هئي

پاڻي ۾ لاٿ بعد پاڻي جا وھڪرا معمول ٿي اچي ويا هئا پر تازو اترين علائقن ۾ برساتن بعد برساتي پاڻي سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيو آهي جنهن سبب سنڌو درياءَ موجن ۾ آهي

ھڪ ڀيرو وري سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ بعد آبپاشي کاتي پاران ٽيون ڀيرو وچين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي آهي

ريلوي ٽريڪ تي تعمير ٿيل پل متاثر

ٺٽي ضلعي جي جنگشاهي ويجھو ڪوهستاني علائقن ۾ برساتن کانپوءِ جنگشاهي نئين وهي آئي، نئين وھي اچڻ سبب ريلوي ٽريڪ تي تعمير ٿيل پل جو هيٺاهون حصو متاثر ٿيو آھي.

علائقي واسين جو چوڻ آھي ته پل کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪرايل پِچنگ معمولي وهڪري سان ئي لڙهي وئي، پچنگ لڙهي وڃڻ سبب ڪوهستان جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو آھي.

علائقي واسين موجب پل جي هڪ پِلــَر کي به نقصان رسڻ جو خدشو وڌي ويو آهي ۽ ريلوي ٽريڪ لاءِ خطرو پيدا ٿي پيو آھي.

علائقي واسين مطالبو ڪيو آھي ته لڙھي ويل پچنگ جو فوري مرمتي ڪم ڪرايو وڃي ته جيئن ڪاٽا ٿيل زمين رابطا بحال ٿي سگھن.

ريلوي ٽريڪ جي ھيٺان گذرندڙ رستي ذريعي مختلف ڳوٺن جا ماڻھو شھرن ۽ ٻين علائقن ڏانھن اچ وڃ ڪندا آھن، جنگشاھي نئين وھي اچڻ سبب سندن ھڪ اھم لنگهه بند ٿي ويو آھي.

ڪاڇي ۽ کيرٿر وارن علائقن ۾ 10 کان وڌيڪ نيئون وھي آيون

واھي پانڌي جي ڪاڇي ۽ کيرٿر وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آھي، وسڪارن کانپوءِ 10 کان وڌيڪ جابلو نيئون وھي اچڻ سبب علائقي واسين ۾ سرھائي پکڙيل آھي.

کيرٿر جي جابلو پٽي تان نيئون تار وھي آيون آھن، وھي آيل نيئن ۾ نيئن گاج، نيئن نلي، نيئن هليلي، نيئن انگئي، نيئن نئيگ، نيئن کنڌاني ۽ نيئن تڪي شامل آھن.

علائقي واسين جو چوڻ آھي تھ ڪاڇي جي معيشت جو دارومدار برسات ۽ جابلو نالن جي پاڻي تي هوندو آهي.

برساتن دوران نيئون وھي اچڻ کانپوءِ زمينون آباد ٿين ٿيون، فصل پوکيا وڃن ٿا ۽ چوپائي مال لاءِ وافر چارو پيدا ٿئي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں