سنڌ ۾ اٽو مهانگو ٿي سگهي ٿو پر بحران نه ٿيندو، ڪڻڪ جا وافر ذخيرا موجود آهن: عبدالجبار خان

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي خوراڪ کاتي بابت خاص معاون عبدالجبار خان چيو آهي ته سنڌ ۾ اٽي جو ڪو به بحران نه ٿيندو ڇو⁠تہ ھن وقت سرڪاري گودامن ۾ ڪٹڪ جي هڪ ڪروڙ ٽيه لک ٻورين جو اسٽاڪ موجود آھي، جيڪو صوبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالجبار خان چيو ته وزيراعليٰ سنڌ صورتحال جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي، ڪٹڪ جي رليز پاليسي اڃا جاري نه ٿي آهي، پر مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ حڪومت ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ حتمي فيصلو ڪندي.

عبدالجبار خان ٻڌايو ته 100 ڪلوگرام ڪنڪ جي ٻوري ھن وقت 9400 رپين ۾ ملي رهي آهي، جيڪا اڳتي هلي وڌيڪ مهانگي ٿي سگهي ٿي۔

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پنجاب حڪومت طرفان پنهنجي صوبي مان ڪڻڪ کڻڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي پر سنڌ ۾ وافر ذخيرن سبب ڪنهن به قسم جي بحران جو خطرو ناهي. ھن وڌيڪ چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ جي ڪري نقصان ٿي سگهي ٿو پر حڪومت اڳواٽ قدم کڻي چڪي آهي.

هن ٻڌايو ته ڪڻڪ جي چوري يا خردبرد بابت ڪا به شڪايت ناهي، سڀ اسٽاڪ مڪمل رڪارڊ سان محفوظ آهي.

عبدالجبار خان ٻڌايو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي عوام کي رليف فراهم ڪيو ويندو، بئنڪن جي وڌندڙ شرحن سبب مستقبل ۾ اٽي جي قيمتن تي اثر ٿي سگهي ٿو پر حڪومت ان لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي، عبدالجبار خان عوام کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت اٽي جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ ۽ شفاف ورهاست لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ته جيئن صوبي جي عوام کي ڪا به تڪليف پيش نه اچي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں