سنڌ حڪومت صوبي جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ يلو لائين بي آرٽي سميت مختلف منصوبا آڻڻ جو اعلان ڪيو، حڪومتي وزير اِنهن منصوبن کي “انقلابي منصوبا” به قرار ڏيندا رهيا آهن.
اِهو منصوبا ڪٿي ۽ ڪڏهن شروع ٿيا، مڪمل ڪڏهن ٿيندا، عوام کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، ٽريفڪ نظام تي ڪهڙا فرق پوندا، اِن جا تفصيل به شامل ڪنداسين پهريان عالمي بينڪ جي وفد جي دوري تي نظر وجهون ٿا.
عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد يلو لائين بي آر ٽي منصوبي جي سائيٽ آفيس ۽ جام صادق پل جي ويجهو جاري تعميراتي ڪم جو تفصيلي دورو ڪيو آهي، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪمال دايو وفد جو استقبال ڪيو.
شرجيل ميمڻ جي وفد کي بريفنگ

سائيٽ آفيس آمد تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفد کي يلو لائين بي آر ٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، شرجيل ميمڻ يلو لائين بي آر ٽي منصوبي جي اهميت ۽ اڳڀرائي تي روشني وڌي.
شرجيل انعام ميمڻ وفد کي ٻڌايو ته يلو لائين بي آر ٽي ڪراچي جو هڪ اسٽريٽجڪ منصوبو آهي، جنهن جو مقصد عوام کي تيز، سستي ۽ محفوظ سفري سهولت فراهم ڪرڻ آهي، منصوبو شاهراهه نورجهان کان ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۽ لانڍي تائين ٿيندو، روزانو لکين ماڻهو فائدو وٺي سگهندا.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته يلو لائين نه رڳو شهرين جي چرپر کي بهتر بڻائيندي پر معاشي سرگرمين کي به هٿي ڏيندي، چاهيون ٿا ته منصوبي کي عالمي معيار موجب مڪمل ڪجي، ان ۾ سهولتون عالمي سطح جهڙيون رکيون پيون وڃن.
عالمي بينڪ جي وفد کي ٻڌايو ته حڪومت يلو لائين بي آر ٽي ۾ صرف اليڪٽرڪ بسون هلائڻ چاهي ٿي ته جيئن اهو مڪمل ماحول دوست منصوبو هجي، شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته اسان پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اي وي بسون ۽ عورتن لاءِ پنڪ بس سروس متعارف ڪرائي، جيڪا ڪاميابي سان هلي رهي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ موجب اليڪٽرڪ بسون ماحولياتي آلودگي گهٽائينديون ۽ خرچ ۾ به وڏي بچت ٿيندي، اسان عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اي وي اسڪوٽر اسڪيم آڻي رهيا آهيون، جنهن لاءِ 8 هزار کان وڌيڪ عورتن درخواست ڏني آهي.
ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي-سکر هاءِ اسپيڊ ريل منصوبا
شرجيل ميمڻ وفد کي آگاهي ڏني ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي-سکر هاءِ اسپيڊ ريل منصوبي تي به ڪم جاري آهي، سيڙپڪاري جي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ڪيا آهن جتي سيڙپڪارن کي ڏهه سال تائين ٽيڪس رعايت ڏني وئي آهي، ڊالر جي قيمت وڌڻ سبب تعميراتي لاڳت ۾ فرق ضرور آيو آهي، پر حڪومت ان چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.
عالمي بئنڪ جي وفد يلو لائين بي آر ٽي منصوبي جي رفتار، معيار ۽ وژن کي ساراهيو ۽ ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ وڌيڪ ٽرانسپورٽ منصوبن جي ضرورت تي زور ڏنو، وفد پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت سنڌ جي قدمن کي مثبت قرار ڏنو.

يلو لائين ڇا آهي؟
يلو لائين بي آر ٽي ڪراچي ۾ ٺهندڙ هڪ جديد بس ٽرانزٽ منصوبو آهي، جنهن جو مقصد انڊسٽريل ايرياز کي شهري ايرياز سان ڳنڍڻ آهي، منصوبو سرڪاري طور آڪٽوبر 2019 ۾ ECNEC پاران منظور ڪيو ويو، جنهن جي بنياد تي لاڳت لڳ ڀڳ 61 ارب رپيا هئي ۽ عالمي بئنڪ کان مالي فنڊنگ حاصل ڪئي وئي.
تعميراتي ڪم COVID-19 سبب 2022 ۾ شروع ٿيو، ۽ ان جو مڪمل ٿيل ٽائم فريم مئي 2025 مقرر هو، پر ڪجهه سببن جي ڪري دير جو شڪار ٿيو آهي.