سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن۔
ريڪٽر سيڪٽر موجب خضدار ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت 5.6 رڪارڊ ڪئي وئي ، زلزلي جو مرڪز خضدار کان 86 ڪلوميٽر اوتر اوڀر طرف ھو.
خضدار ۾ صبح 10 وڳي 52 منٽن تي ۽ 11 وڳي 30 منٽن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا ۔
ان کانسواءِ نصيرآباد، گندا واھ، سبي، ڪڇي، جھل مگسي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پڻ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا۔
سنڌ جي سکر، جيڪب آباد، قمبرشھدادڪوٽ، دادو، ميھڙ ۽ ڀرپاسن وارن علائقن ۾ بہ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا
جڏھن تہ قبوسعيد خان، راڌڻ، نئون ديرو، پيرڳوٺ، ڳڙھي ياسين، وڳڻ، ڪي اين شاھ، باڊھ ۽ ٻين علائقن ۾ لزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ماڻھو خوف مان گھرن کان ٻاھر نڪري آيا
زلزلي سبب ڪنهن بہ جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناھن مليا…..