سنڌ ھاءِ ڪورٽ: ڪي ڊي اي جي ملازمن کي پينشن ۽ رھتون ادا نہ ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظھار

فہرستِ مضامین

ڪراچي ڊولپيمنٽ اٿارٽي جي ريٽائرڊ ملازم جي پينشن ۽ رھتون ادا نہ ٿيڻ خلاف درخواست تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو تہ ڪي ڊي اي ڪيترن ئي سالن کان رٽائرڊ ملازمن کي ادائيگيون ڪرڻ ۾ ناڪام رھي آھي، ان موقعي تي ڪي ڊي اي جي وڪيل رھتن جي ادائيگي لاءِ ٻن مھينن جي مھلت گھري جنھن تي عدالت ناراضي جو اظھار ڪيو

جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ رمارڪس ڏيندي چيو تہ ڪي ڊي اي 1954ع ۾ قائم ٿي هئي پر اڄ تائين اداري جي حالت نہ سڌري آهي، جڏھن ترقي نٿا ڪريو تہ پوءِ ادارو ڇو هلائي رھيا آهيو، بند ڪري ڇڏيو۔

عدالت چيو تہ ادارن ۾ نہ پگهار آهي نہ پينشن، رڪارڊ موجب اربين رپيا ڪي ڊي اي کي ملن ٿا۔

عدالت وڌيڪ چيو تہ اھو ڪهڙو ادارو آھي جيڪو ڪمائي رھيو آهي؟، نه واٽر ڪارپوريشن ڪمائي رھيو آهي ۽ نہ ئي ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪاررپوريشن ڪمائي رھيو آھي.

عدالت چيو تہ جيڪڏھن حڪومت گرانٽ ڏئي رھي آهي تہ پوءِ پينشن ڇو ادا نٿي ڪئي وڃي؟ ڊي جي ڪي ڊي اي جي بيان جو حوالو ڏيندي عدالت پڇيو تہ ڇا قيمتي اثاثا وڪڻي رھتون ادا ڪيون وينديون؟

جسٽس ذوالفقار علي سانگي چيو تہ ڪي ڊي اي جو گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن جو آڊٽ ٿيڻ گهرجي۔ عدالت سرڪاري وڪيل کي ڪميشن جو مڪمل رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں