اسلام آباد ( رپورٽ: فيصل جمن ڪنڀر ) سپريم ڪورٽ، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جج جي پٽ جي قتل ڪيس ۾ ڦاھي جي سزا ٻڌايل اڳوڻي سيشن جج سڪندر لاشاري کي بري ڪري ڇڏيو، عدالت ڪيس ۾ شريڪ جوابدار عرفان بنگالي کي بھ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
جسٽس اطھر من اللہ جي سربراھي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڦاھي جي سزا ٻڌايل اڳوڻي سيشن جج سڪندر لاشاري جي ٽرائل ڪورٽ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلن خلاف اپيلن تي فيصلو ٻڌايو.
درخواستگذارن جي وڪيل لطيف کوسا موقف اختيار ڪيو تھ سندس مئوڪل عدليھ ۾ جج رھي چڪو آھي، کيس قتل جي سھولتڪاري ۾ موت جي سزا ٻڌائي ھئي، سندس اصيل خلاف سھولتڪاري ۽ قتل ۾ ملوث ھئڻ جا ڪي بھ ثبوت نھ آھن.
مقتول عاقب شاھاڻي جي وڪيل فيصل صديقي موقف اختيار ڪيو تھ مقتول عاقب شاھاڻي جو ملزم جج سڪندر لاشاري جي ڌيءُ سان مبينا افيئر ھو، مقتول جي فون ۾ ملزم جي ڌيءُ کي اماڻيل پيغام رڪارڊ تي آھن.
سپريم ڪورٽ جي جج جا سوال ۽ وڪيلن جا جواب
بينچ جي سربراھھ جسٽس اطھر من اللہ سوال ڪيو تھ ڇا موبائيل جي فارينزڪ ٿي ؟ جڏھن فارينزڪ ٿي آھي تھ پوءِ ثبوتن جي ڪھڙي اھميت رھجي وڃي ٿي، جنھن جي جواب ۾ مقتول جي وڪيل فيصل صديقي جواب ڏنو تھ جوابدار جو وڊيو بيان موجود آھي، جنھن ۾ ھو اعتراف ڪري رھيو آھي تھ سندس مقصد قتل ڪرائڻ نھ ھو، ھـُو رڳو عاقب شاھاڻي کي ڪٽڪو ڏيارڻ چاھين پيا.
بينچ ۾ شامل جج جسٽس شھزاد ملڪ سوال ڪيو تھ وڊيو کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جا جڊيشل اصول ۽ ڪجھھ قانوني گھرجون آھن، جنھن تي وڪيل فيصل صديقي جواب ڏنو تھ جوابدار کان قتل ۾ استعمال ٿيل 5 پسٽل ھٿ آيا.
ڪريمنل جسٽس سسٽم ختم ٿي چڪو آھي: جسٽس شھزاد ملڪ
جسٽس شھزاد ملڪ سوال ڪيو تھ جوابدار ڀاڙي جي قاتلن کان قتل ڪرائي پسٽل پاڻ وٽ ڇو رکي ھا ؟ جسٽس اطھر من اللہ چيو تھ ھي ڪلاسڪ ڪيس آھي، جنھن مان خبر پئي ٿي تھ اسان جو ڪريمنل جسٽس سسٽم ختم ٿي چڪو آھي، رڳو ٻڌل ڳالھين تي فيصلو ڪيئن ٿو اچي سگھي، ڪيس ورڪ تي سزا ڏئي سگھجي ٿي.
عاقب شاھاڻي جو قتل ڪڏھن ٿيو؟
سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي موجودھ جج جسٽس خالد حسين شاھاڻي جي پٽ عاقب شاھاڻي کي فيبروري 2014 ۾ حيدرآباد ۾ اسٽيڊيم وٽ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو ھو، خالد حسين شاھاڻي ان وقت جيڪب آباد ضلعي ۾ سيشن جج طور ذميواريون نڀائي رھيو ھو.
عاقب شاھاڻي جي قتل جو الزام اڳوڻي سيشن جج سڪندر لاشاري تي لاڳو ڪيو ويو ھو، جيڪو ان وقت مٺي ۾ سيشن جج طور ذميواريون نڀائي رھيو ھو، ان وقت جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مقبول باقر واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سطح جي آفيسر کان جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ھو.
عاقب شاھاڻي کي گھر ڀاتين آڏو گوليون ھنيون ويون
عاقب شاھاڻي جو قتل ڪيس حيدرآباد ۾جي او آر ڪالوني ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھو، ايف آءِ آر جي متن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ھو تھ عاقب شاھاڻي کي سندس گھر ڀاتين آڏو گاڏي مان لاھي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو ھو.
29 سيپٽمبر 2018 تي ڪراچي جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي سيشن جج سڪندر لاشاري کي موت جي سزا ٻڌائي ھئي، عدالت ڪيس ۾ شريڪ جوابدار عرفان بنگالي کي بھ موت جي سزا جو حڪم ڏنو ھو، جنھن جي خلاف اڳوڻي سيشن جج سڪندر لاشاري سنڌ ھاءِ ڪورٽ سان بھ رابطو ڪيو ھو ۽ ھاءِ ڪورٽ بھ سندس سزا برقرار رکي ڇڏي ھئي.
سڪندر لاشاري سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلن کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ھو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ بعد سڪندر لاشاري ۽ ساڻس گڏ ڪيس ۾ نامزد عرفان بنگالي کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.