سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ٽي ايم سي گڏاپ ۽ ابراھيم حيدري وچ ۾ ٽئڪس جي وصولي تان تڪرار واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي آھي. عدالت توھين عدالت جي درخواست تي ٽي ايم سي چيئرمين ابراھيم حيدري سميت 6 آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
معطل آفيسرن ۾ ٽائون ميونسپل ڪمشنر، ڊائريڪٽر ٽئڪس، ڊپٽي ڊائريڪٽر، ٽيڪس آفيسر ۽ ڪانٽريڪٽر شامل آھن.
درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو تہ عدالت ٽائونز انتظاميا کي حڪم ڏنو ھو تہ ٽئڪس وصولي تڪرار وڏي وزير مراد علي شاھ آڏو پيش ڪري حل ڪيو وڃي.
ٽي ايم سي ابراھيم حيدري ڄامشورو وٽ چنگي ٺاھي غير قانوني ٽئڪس وصول ڪري رھيو آھي.
عدالت ٽائون عملدارن کي توھين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آھي