(رپورٽ: شبير لاشاري)
سنڌ ڪابينا ۾ ڦير ڦار جا امڪان آھن، ذريعن جو چوڻ آھي تہ سعيد غني کان مڪاني کاتو ۽شاھد ٿھيم کان ليبر کاتو واپس ورتو ويندو.
ذريعن موجب ناصر شاھ کي مڪاني کاتي ۽ سعيد غني کي ليبر ۽ سوشل پروٽيڪشنکاتي جا قلمدان ملڻ جا امڪان آھن.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ اسماعيل راھو کي بورڊز ۽ يونيورسٽي جو کاتو ڏنو ويندو، جبار خان کان خوراڪ کاتو واپس ورتو ويندو.
ذريعن دعويٰ ڪئي آھي تہ مخدوم محبوب زمان کي خوراڪ کاتي جو قلمدان ۽ خصوصي معاون جبار خان کي بحالي ۽ رليف جو قلمدان ملندو.
ذريعن موجب شام سندر آڏواڻي کي معاون بڻائڻ جوفيصلو، خصوصي معاون علي راشد کيانفارميشن ٽيڪنالاجي کاتو ملڻ جا امڪان آھن..
ذريعن مجب ڪابينا ۾ گيانچند ايسراڻي جو نالو بہ خاص مددگار يا صلاحڪار طور شامل آهن.