سنڌ ڪابينا  جو اجلاس سڀاڻي طلب، فوتي سرٽيفڪيٽ جي فيس ختم ڪرڻ سميت اھم فيصلن جو امڪان

فہرستِ مضامین

ڪراچي  رپورٽ: شبير لاشاري

  وڏي وزير مراد علي شاھ سنڌ ڪابينا جو اجلاس 23سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو، جنھن ۾ فوتي سرٽيفڪيٽ جي فيس ختم ڪرڻ سميت اھم فيصلن جو امڪان آھي.

سنڌ ڪابينا جو اجلاس 23 سيپٽمبر اڱاري ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس ۾ منجھند ھڪ وڳي ٿيندو، جنھن جي 39 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي.

اجلاس ۾ شاھراھ ڀٽو ايڪسپريس وي پراجيڪٽ جي اسڪيم 2 تحت پي پي پي موڊ ۾ تبديلي جي منظوري ورتي ويندي، پاڪستان ايئرفورس کي 32 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي ايجنڊا بہ شامل آھي.

اجلاس ۾ ميونسپل ، يونين ڪائونسل ۽ يونين ڪميٽيز مان فوتي سرٽيفڪيٽ جي فيس ختم ڪرڻ واري فيصلي جي منظوري ورتي ويندي،ڪابينا اجلاس ۾ سي اي او سنڌ انشورنس بئنڪ جي مقرري جي منظوري ڏيڻ جو بہ امڪان آھي.

ان کان علاوھ اقليتي کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ حيدرآباد مان ڪراچي منتقل ڪرڻ واري فيصلي  جي منظوري ورتي ويندي، ڪابينا اجلاس دوران سرڪاري ملازمن کي ڊي آر اي ڏيڻ واري فيصلي جي منظوري پڻ ايجنڊا ۾ شامل آھي.

 اجلاس جي ايجنڊا موجب سنڌ ۾ گاڏين جي فٽنيس انسپيڪشن سينٽرز قائم ڪرڻ ۽ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي بورڊ آف گورنرز جي ٻيهر جوڙجڪ جي منظوري پڻ ورتي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں