ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهہ جي صدارت سنڌ ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ تعليم، ثقافت، سيڪيورٽي، زراعت، ماحوليات، انفرا اسٽرڪچر ۽ سماجي تحفظ بابت اهم مالي، انتظامي ۽ پاليسي فيصلن جي منظوري ڏني وئي۔
ڪابينا سڀني کاتن کي هدايت ڪئي تہ منظور ڪيل فيصلن تي وقت سر عملدرآمد، شفافيت ۽ ماپ جوڳا نتيجا يقيني بڻايا وڃن، اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خصوصي معاونن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، جڏهن ته گذريل اجلاس جي ڪارروائي جي به توثيق ڪئي وئي۔
اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته حڪومت جي ترجيح رڳو منظوريون نہ پر عملي نتيجا آهن۔ هن زور ڏنو ته عوامي وسيلا عوامي خدمتن ۽ زندگي جي معيار ۾ واضح بهتري جي صورت ۾ نظر اچڻ گهرجن۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪابينا پاران منظور ڪيل هر رپيو شفاف نموني خرچ ڪيو وڃي ۽ ان جي سخت نگراني ڪئي وڃي۔
تعليم، ثقافت ۽ ورثو
بلدياتي وزير سيد ناصر حسين شاهه ناڻي بابت ڪابينا ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي۔ ڪابينا اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۾ ڇوڪرين جي هاسٽل جي ٻي ماڙ جي تعمير لاءِ 190 ڪروڙ 21 لک رپين جي منظوري ڏني۔ وڏي وزير چيو ته شاگردياڻين لاءِ رهائشي سهولتن ۾ واڌ ۽ عورتن جي تعليم کي فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي۔
ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ ڪابينا سکر جي سينٽ سيورز چرچ ۽ حيدرآباد جي سينٽ ٿامس ڪيٿڊرل چرچ جي مرمت ۽ بحالي لاءِ 10 ڪروڙ 95 لک رپين جي منظوري ڏني۔ ان کان علاوه ڪراچي لٽريچر فيسٽيول لاءِ 3 ڪروڙ رپيا ۽ سنڌ آرڪائيوز کي مضبوط ڪرڻ لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي منظوري پڻ ڏني وئي۔
ترقياتي منصوبا ۽ رستا
ورڪس کاتي هيٺ ضلعي مٽياري ۾ بيگو ڪاڪا کان ايگرو راهو تائين ٽن ڪلوميٽر ڊگهي لنڪ روڊ جي بحالي جي منظوري ڏني وئي، جنهن لاءِ مالي سال 2025–26 دوران 3 ڪروڙ 37 لک 85 هزار رپيا جاري ڪيا ويندا۔
سيڪيورٽي ۽ حڪمراني
اندروني سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪابينا صوبي جي انٽيليجنس ۽ خطري جي جائزي واري مرڪز کي فعال ڪرڻ لاءِ اصولي طور 1 ارب 24 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني۔ وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي ادارن کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي، پر هر خرچ مالي نظم ۽ واضح جواز سان هجڻ گهرجي۔
ڪابينا پائيدار ترقياتي هدفن تي ٻڌل منصوبن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ ۽ تصديق جي طريقيڪار جي به منظوري ڏني۔ سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي نون آفيسرن جي ٻن هفتن جي تربيتي پروگرام لاءِ 14 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا۔
ڪڻڪ ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي
ڪابينا فلڊ ايمرجنسي بحالي فنڊ ۾ 6 ارب 10 ڪروڙ رپين جي واڌ جي منظوري ڏني، جنهن کانپوءِ فنڊ 27 ارب 60 ڪروڙ رپين تائين پهچي ويو۔
ماحولياتي قدم
ڪابينا سنڌ ڪلائيميٽ چينج فنڊ ۽ سنڌ ڪلائيميٽ چينج بورڊ جي قيام جي منظوري ڏني۔ وڏي وزير واضح ڪيو ته سنڌ پنهنجي آئيني ۽ مالي حقن تي ڪو به سودو نه ڪندي ۽ ماحولياتي وسيلا سڌي طرح متاثر ۽ ڪمزور آبادين جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيا ويندا۔
شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ
ڪابينا شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ کي هڪ سال لاءِ انفرااسٽرڪچر سيس کان ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني ته جيئن غير منافعي بخش ڪينسر اسپتال جي خدمتن کي سهولت ملي۔
حيدرآباد – سکر موٽروي
ڪابينا حيدرآباد–سکر موٽروي لاءِ زمين جي حاصلات جي مد ۾ هڪ ارب 13 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جاري ڪرڻ جي توثيق ڪئي۔
ريسڪيو ۽ صحت
ريسڪيو 1122 جي خدمتن کي وڌائڻ لاءِ 19 ڪروڙ 27 لک 45 هزار رپين جي اضافي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته صوبائي ملازمن جي صحت انشورنس پروگرام لاءِ فنڊ 55 ڪروڙ مان وڌائي 65 ڪروڙ رپيا ڪيا ويا۔
اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻيهر زور ڏنو ته سڀني منظور ڪيل قدمن تي تيزي، ايمانداري ۽ جوابدهي سان عملدرآمد ڪيو وڃي ۽ اڳڀرائي بابت باقاعده رپورٽون وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ کي جمع ڪرايون وڃن۔ هن چيو ته حڪومت کي ڪاغذي ڪارروائي نه، پر زميني سطح تي نتيجا گهرجن۔….