سنڌ پوليس ۾ ايس ايس پي سطح تي آفيسن جون مقرريون ۽ بدليون

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ پوليس ۾ ايس ايس پي سطح تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، آءِ جي سنڌ جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن ذريعي جاري ڪيون ويون آهن.

ايس ايس پي ڊاڪٽر ثُمير نور چنا کي ميرپورخاص مان بدلي ڪري ايس ايس پي شھيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو آھي، جڏھن تہ سيد فدا حسين شاھھ کي ايس ايس پي ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو آهي.

اھڙي طرح شڪارپور جي ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ کي بدلي ڪري ايس ايس پي حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آھي، جڏھن تہ ايس ايس پي حيدرآباد عديل احمد چانڊيو کي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي

اھڙي طرح شڪارپور جي اضافي چارج ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو حوالي ڪئي وئي آھي

آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي منظوري کانپوءِ آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں