ڪشمور ويجھو گيھلپور جي ڪچي ۾ پنجاب واسي شخص جو ٻوري بند لاش مليو آھي.
ڪشمور پوليس موجب اطلاع مليو تہ گھيلپور ۾ ٻوري ۾ بند لاش پيل آھي، جنھن تي پوليس پھچي لاش تحويل ۾ ورتو.
پوليس موجب ٻوري بند لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي.
پوليس موجب لاش جي سڃاڻپ گجرانوالا واسي بشير احمد طور ٿي آھي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آھي.