عبدالغفور سروھي: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران 2024 واري گڏيل چٽاڀيٽي امتحان جي اسڪريننگ ٽيسٽ جو نتيجو جاري ڪيو ويو آھي، جنھن ۾11 ھزار 179 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران گڏيل چٽاڀيٽي امتحان CCE-2024 جي اسڪريننگ ٽيسٽ جو نتيجو جاري ڪيو ويو.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 11 هزار 179 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو آھي.
اسڪريننگ ٽيسٽ 11 آڪٽوبر 2025ع تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو جي مختلف امتحاني مرڪزن تي ورتي وئي ھئي ۔
ڪراچي مرڪز تي 7,500، حيدرآباد ۾ 10,800، سکر ۾ 6,650 ۽ لاڙڪاڻو ۾ 3,200 اميدوارن امتحان ۾ شرڪت ڪئي۔
ترجمان موجب ڪامياب اميدوارن جا نالا ۽ رول نمبر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سرڪاري ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويا آهن.
گڏيل چٽاڀيٽي امتحان 2024ع جو لکت واري امتحان جو شيڊول جلد جاري ڪيو ويندو۔
ٻئي طرف، CCE-2023 جي زباني امتحان جو شيڊول پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو 22 آڪٽوبر 2025ع کان شروع ٿيندو۔