سنڌ مان ٻوڏ جو خطرو مڪمل طور ختم ناھي ٿيو، ڪچي مان ماڻھن جي محفوظ ھنڌن تي منتقلي جاري آھي: شرجيل ميمڻ

فہرستِ مضامین

سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ مان ٻوڏ جو خطرو مڪمل طور ختم ناھي ٿيو، ڪچي مان ماڻھن جي محفوظ ھنڌن تي منتقلي جاري آھي، ھيل تائين ھڪ لک 9 ھزار 320 ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو آھي.

پنھنجي بيان ۾ سينيئر وزير چيو ته سنڌو درياھ ۾ پاڻي جي سطح ۾ ڪٿي چاڙھ ته ڪٿي لاٿ جو سلسلو جاري آھي، ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورا ادارا الرٽ آھن.

شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته گڊو، سکر، ڪوٽڙي ۽ مرالا وٽ ھيٺين درجي جي ٻوڏ برقرار آھي، پنجند وٽ پاڻي وھڪرا 3 لک 10 ھزار 479 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيا ويا آھن.

ھن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 14 ھزار 430 ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منقل ڪيو ويو آھي، ھيل تائين مجموعي طور ھڪ لک 9 ھزار 320 ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو آھي، 3 لک 46 ھزار 282 جانورن کي بھ محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو آھي. سينيئر وزير موجب 7 لک 54 ھزار 527 جانورن کي حفاظتي ويڪسين بھ لڳائي وئي آھي، سنڌ حڪومت ٻوڏ واري صورتحال تي پنجاب حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں