سنڌ لاءِ  ھڪ ھزار 18 ارب رپين جي گڏيل ترقياتي حڪمت عملي جي منظوري

فہرستِ مضامین

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ ترقياتي حڪمت عملي ۽ سيڙپڪاري منصوبن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ رٿابندي ۽ منصوبابندي واري وزير ڄام خان شورو،  علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهہ، چيئرمين منصوبا بندي ۽ ترقي نجم شاهہ، وڏي وزير جي سيڪريٽري رحيم شيخ، ناڻي واري سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس نواز سوھو ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔

اجلاس ۾ سنڌ لاءِ 1018 ارب رپين جي گڏيل ترقياتي حڪمت عملي جي منظور ڏني وئي ۽ ترقياتي حڪمت عملي 2025-26 ۾ موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ انفراسٽرڪچر تي زور ڏنو ويو۔

وڏي وزير نون منصوبن ۾ ڊيزا اسٽررسڪ کي شامل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي، سالياني صوبائي ترقياتي پروگرام 2025-26 تحت 520 ارب رپيا مختص ڪيا ويا.

روڊن جي انفرا اسٽرڪچر لاءِ 582 ارب رپين جو منصوبو تيار ڪيو ويو، جڏھن تہ ڪراچي جي روڊن جي منصوبن لاءِ 194 ارب رپيا مختص ڪيا ويا۔

شاهراه ڀٽو، ملير ندي پل ۽ انڊر پاسز ڪراچي جي منصوبن ۾ شامل آهن، وڏي وزير ڪراچي جي روڊن جي منصوبن تي ڪم تيزي سان ڪرڻ ۽ معيار کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي۔

ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ روڊن جي تعمير ۽ مرمت جا منصوبا پڻ ترقياتي حڪمت عملي ۾ شامل آهن۔

تعليم جي شعبي لاءِ 340 ارب رپين جي سيڙپڪاري جي منظوري ڏني وئي ۽ ٻوڏ متاثر 1600 اسڪولن جي ٻيهر تعمير جو فيصلو ڪيو ويو۔

سکر ۾ عورتن جي يونيورسٽي ۽ 9 نوان ڪيڊٽ ڪاليجز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، صحت جي شعبي لاءِ 300 ارب رپيا مختص ڪيا ويا  ۽ 9 ڊي ايڇ ڪيو اسپتالن کي وڌايو ويندو۔

مفت علاج جي فراهمي لاءِ ايس آءِ يو ٽي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ انڊس اسپتال کي گرانٽس ڏنيون وينديون، ۽ پاڻي جي صفائي ۽ صحت جي منصوبن لاءِ 930 ارب رپين کان وڌيڪ سيڙپڪاري جي منظوري ڏني وئي۔

وڏي وزير کي ڪي فور واٽر سپلاءِ ۽ حب ڪينال منصوبن جي سخت نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، توانائي لاءِ 67.97 ارب رپين جو پيڪيج شامل آهي، ريڊ، ييلو ۽ اورينج لائن بي آر ٽي منصوبن لاءِ 155 ارب رپين کان وڌيڪ مختص ڪيا ويا .

سنڌ سولر انرجي منصوبي تحت سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن تيزي سان ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽس منصوبو صوبائي ايجنڊا جو اهم آهي ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر بحال ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي۔

اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي تہ سنڌ هائوسنگ منصوبي تحت اڃا تائين 14 لک ادائيگيون مڪمل ٿي چڪيون آهن، لڳ ڀڳ ٽي لک عورتن کي زمين جا مالڪاڻا حق ڏنا ويا آهن.

بريفنگ ۾ چيو ويو تہ فارن پروجيڪٽ اسسٽنس تحت 1557 ارب رپين کان وڌيڪ مدد حاصل ٿي چڪي آهي، ورلڊ بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سنڌ جا وڏا ترقياتي ساٿي آهن ۽ سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جي مجموعي ماليت 278 ارب رپيا آهي۔

وڏي وزير سڀني کاتن کي هدايت ڪئي تہ ترقياتي حڪمت عملي تي گڏيل رابطو ۽ عملدرآمد ڪن، ٻوڏ متاثر ۽ پٺتي پيل علائقن جي عوام کي خاص فائدو ڏنو وڃي…..۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں