ڪراچي: سنڌ حڪومت سنڌو درياھ تي نئين روھڙي-سکر پل اڏڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ۾ 51هين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو اجلاس صدارت ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزيرن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ ۾ وڏن انفراا سٽرڪچر منصوبن جي منظوري پڻ ڏني وئي.
وڏي وزير چيو تہ نئين پل سکر ۽ روھڙي سميت ڀرپاسي وارن علائقن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندي ۽ علائقي ۾ ٽريفڪ جي مسئلن گھٽتائي ايندي.
بريفنگ دوران ٻڌايو ويو تہ سکر ۽ روھڙي هڪ اهم شهري ۽ معاشي ڪوريڊور آهن، جتي روھڙي، صالح پٽ ۽ پنو عاقل جا لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ماڻهو روزگار، تعليم ۽ علاج لاءِ سکر جو رخ ڪن ٿا، هن وقت آمدورفت لاءِ بنيادي رستو لينس ڊائون پل آهي، جتي روزانو 30 هزار کان وڌيڪ گاڏيون گذرن ٿيون، ھيوي ڳري ٽريفڪ تي پابندي هجڻ سبب مسئلا وڌيڪ وڌي ويا آهن.
وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي تہ سکر بئراج جي مرمت سبب آمدورفت 2027 تائين متاثر رھندي، جنهنڪري نئين پل جي تعمير انتهائي ضروري بڻجي وئي آهي، نئين پل لڳ ڀڳ 1.5 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ ملٽي لين هوندي، جنهن ۾ ڳري گاڏين ۽ پيادل ماڻهن لاءِ الڳ رستا شامل هوندا.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ هي منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت مڪمل ڪيو ويندو ۽ ان لاءِ ٽرانزيڪشن ايڊوائزر مقرر ڪيا ويندا.
اجلاس ۾ وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي تہ شاهراهِ ڀٽو منصوبو 88 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏھن تہ وڏي وزير اپريل 2026 تائين ان کي مڪمل طور فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وڏي وزير سمن ڳوٺ ۾ سولر اسٽريٽ لائيٽن جي تنصيب ۽ 25 سالن جي سار سنڀال منصوبي جي بہ منظوري ڏني، ڪاٺور انٽرچينج جي فزيبلٽي ۽ ڊيزائن جي منظوري پڻ ڏني وئي.
اجلاس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي ۾ اهم سڌارن جي منظوري ڏني وئي، جن جو مقصد شفافيت وڌائڻ ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي، نون قاعدن تحت 15 سيڪڙو کان وڌيڪ يا گهٽ ٻوليون رد ڪيون وينديون.
وڏي وزير عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ پائيدار انفراسٽرڪچر ترقي لاءِ اهڙا قدم جاري رکيا ويندا….