سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪڻڪ جي بحران کان بچڻ لاءِ آبادگارن لاءِ 55 ارب رپين جي سبسڊي جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ 22 لک ايڪڙ زمين تي ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ سنڌ سرڪار 55 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪندي.
سنڌ حڪومت جي پيڪيج ۾ 4 لک 11 ھزار 408 ھاري شامل آھن، 25 ايڪڙ تائين جي آبادگار کي ڀاڻ ۽ ٻج ڏنو ويندو.
25 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ ھارين کي ھر ايڪڙ تي ھڪ ٻوري ڊي اي پي ۽ 2 ٻوريون يوريا جون ڏني ويندي.
آبادگارن جي رجسٽريشن بينظير ھاري ڪارڊ ۽ لينڊ رڪارڊ وسيلي ڪري رھيا آھيون، بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينھن جنھن پاليسي جو اعلان ڪيو سنڌ سرڪار ان تي عمل ڪري رھي آھي .
آبادگارن کي نئين سبسڊي پاليسي جو فائدو ھارين، مزدورن ۽ غريبن کي ٿيندو، سنڌ حڪومت ڪڻڪ پوکيندڙ ھارين جي مدد ڪري رھي آھي، جيڪي ڪڻڪ جي معاملي کي سنجيدہ نٿا سمجھن اھا انھن جي ڪم عقلي آھي .
فوڊ سڪيورٽي معاملي تي اسان جون وفاقي حڪومت سان ڳالھيون بہ ھلندڙ آھن، ان سلسلي ۾ وڏي وزير مراد علي شاھ وفاقي وزير راڻا تنوير سان بہ ملاقات ڪئي ھئي.
ڪنھن ڪمپني ڀاڻ جي ٿيلھن جو غلط استعمال ڪيو تہ ان کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو، ڪنھن سرڪاري آفيسر ڀاڻ جي ٿيلھن جي ورڇ ۾ گھوٻيون ھنيون تہ ان خلاف بہ سخت ڪارروائي ٿيندي، ان حوالي سان آن لائين شڪايت بہ داخل ڪرائي سگھجي ٿي.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جڏھن بہ وزيراعظم جي تعريف ڪندو آھي پنجاب حڪومت کي تڪليف ٿيندي آھي، پيپلز پارٽي ٻوڏ تي سياست نہ ڪري رھي آھي.
سنيئر وزير چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري وفاق کي عالمي ادارن کي امداد جي اپيل ڪرڻ جي درخواست ڪئي ھئي.
بلاول ڀٽو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام واري ڳالھ بہ وفاقي کي مخاطب ڪري ڪئي ھئي، اسان وفاق سان ڳالھيون ڪندا آھيون اعتراض وري پنجاب حڪومت کي ھوندو آھي