سنڌو درياهه ۾ 9 سيپٽمبر تي 8 لک ڪيوسڪ پهچڻ جو امڪان آهي:” ٻٽي شهريت ڪيس تي نظرثاني ٿي ته وڏا وڏا ماڻهو نااهل ٿي ويندا“: مراد علي شاهه

فہرستِ مضامین

رپورٽ: شبير لاشاري، منظور چانڊيو/ڪراچي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته درياءِ سنڌ جي سيلاب جي چوٽي ۾ دير ٿي وئي آهي ۽ هاڻي اها 9 سيپٽمبر تي گوڊو بئراج پهچڻ جو امڪان آهي، جنهن سان پاڻي جو وهڪرو 8 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ هوندو. تياري طور درياءَ ڪناري رهندڙ خطري وارن علائقن جي ماڻهن جي لڏپلاڻ کي تيز ڪيو ويو آهي.

فلڊ ايمرجنسي سينٽر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڪميشنرن ڪچي وارن علائقن ۾ اعلان جاري ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجا گهر خالي ڪري محفوظ هنڌن تي منتقل ٿين. صوبائي وزيرن درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي موجود آهن ته جيئن لڏپلاڻ جي عمل جي سڌي نگراني ڪري سگهن.

ان سان گڏ اطلاعات وزير شرجيل ميمڻ، وزير بحالي مخدوم محبوب الزمان ۽ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه موجود هئا. وڏي وزير ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 3 لک 24 هزار ماڻهو لڏ پلاڻ لاءِ تيار آهن، جن مان 1 لک 28 هزار اڳ ۾ ئي پنهنجا گهر ڇڏيا آهن. بحرحال، گهڻا ماڻهو رليف ڪيمپ ۾ نه رهڻ جو انتخاب ڪري بندن تي منتقل ٿيا آهن. هاڻي تائين 40 هزار کان وڌيڪ مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته 9 لک مويشي ويڪسينيٽ ڪيا ويا آهن.

وڏي وزير چيو ته لفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين مان پاڻي ڪڍڻ جا قدم فائديمند ثابت ٿيندا. صوبو انڊس هاءِ وي تي پُل به ٺاهي رهيو آهي ته جيئن نقل وحرڪت آسان ٿئي. مراد علي شاهه ياد ڏياريو ته سنڌ ۾ 2015 ۾ به سيلاب جي پاڻي کي ڪاميابي سان سنڀالي چڪوي آهي.

پنجاب ۾ حالتون گهڻيون سنجيدهه آهن

پنجاب جي صورتحال بابت مراد علي شاهه چيو ته اتي حالتون گهڻيون سنجيده آهن. هن واضح ڪيو ته سچون ۾ 40 ڳوٺن جي ٻڏڻ جون خبرون هميشه خطرناڪ ڪچي علائقن جي آهن.

وڏي  وزير قومي بحران دوران اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ مئي ۾ ڀارت سان سرحدي ٽڪر دوران قوم جي گڏيل حمايت جو مثال ڏنو. هن چيو ته 1960ع کان تڪراري موضوع موجود آهن ۽ ممڪن آهي ته جاري رهن، پر هن وقت قومي يڪجهتي کي ترجيح ڏيڻ ضروري آهي.

مراد علي شاهه چيو ته سڀ رليف ۽ صحت جا ڪيمپ جيو ٽيگ ٿيل آهن، ٻيڙيون، سامان ۽ عملي سان تيار آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ مينهن قابو ۾ آهي ۽ کوه سليمان ۾ مينهن ايترو شديد ناهي جو فوري طور درياءَ ۾ طغيان پيدا ٿئي، پر اسان محتاط آهيون.

مراد علي شاهه چيو ته پنجاب هن وقت وڌيڪ سخت سيلابي اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. سنڌ جي صحت واري وزير اتي طبي مدد فراهم ڪرڻ جي پيشڪش پڻ ڪئي آهي.

شهري ٻوڏ کي نٿو روڪي سگهجي

ڪراچي ۾ تازي مينهن بابت وڏي وزير چيو ته شهر ۾ نيڪال جا قدم کڻي پاڻي کي ڪجه ڪلاڪن اندر صاف ڪري ڪيو ويو ھو. هن سنڌ جي تياري تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ عوام کي چيو ته غلط خبرن کي نظرانداز ڪن ۽ اختيارين سان مڪمل تعاون ڪن.

وڏي وزير پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي سرگرم نگراني جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته ٻئي اڳواڻ صورتحال کان باخبر آهن. هن واضح ڪيو ته سنڌ کي في الحال وفاقي مالي مدد جي ضرورت ناهي، جڏھن تھ وزيراعظم ۽ چيف سيڪريٽري رابطي ۾ آهن.

وڏي وزير چيو ته شهري سيلاب کي مڪمل طور روڪي نٿو سگهجي، پر پاڻي کي ڪجه ڪلاڪن ۾ ڪڍڻ اهم آهي، جيڪو تازو مينهن کان پوءِ صوبائي حڪومت جي ڪاميابي سان ڪيو آهي. هن ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوھاري عنصرن خلاف ڪيل قدم جو پڻ ذڪر ڪيو.

ٻٽي شهريت ڪيس تي نظرثاني ٿي ته وڏا وڏا ماڻهو نااهل ٿي ويندا

وَڏي وزير مراد علي شاھه چيو آھي ته ٻٽي شهريت وارو ڪيس رٽرننگ آفيسر ۽ سپريم ڪورٽ مان کٽي چڪو آهيان، نظرثاني وارِي درخواست التوا جو شڪار هئي، آئون ته چاهيان ٿو ته منھنجي خلاف ٻٽي شھريت وارو ڪيس جلدي ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿئي ۽ اڪلائجي وڃي.

وڏي وزير مراد علي شاھه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ قائم فلڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪرڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنھن دوران  ڊبليو ٽي اين جي بيورو چيف شبير لاشاري کانئس ٻٽي شھريت وارو ڪيس ٻيھر آئيني بينچ ۾ مقرر ڪرڻ بابت سوال ڪيو.

وڏي وزير جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ جـِي 7 رڪني بينچ آرٽيڪل 62 ون ايف بابت تفصيلي فيصلو ڏنو آھي، عدالت نظرثاني ڪري ٿي ته وڏا وڏا ماڻھو نااھل ٿي ويندا، مان ته ننڍڙو ماڻھو آھيان.

وڏي وزير چيو ته ھو ٻٽي شھريت وارو ڪيس کٽي چڪو آھي، نظرثاني واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ لاءِ ھن درخواستون به ڏنيون پر پوءِ وڪيل چيو ته اوھان درخواستون ڇو ڏئي رھيا آھيو.

ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو ته منھنجي ويجھن ساٿين کي کنڀڻ واريون خبرون غلط آھن، اھڙو ڪجھه نه پيو ٿئي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں