ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاه ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي عملدارن وچ ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي ۽ سنڌ جي مختلف ڊويزنل ھيڊڪوارٽرز ۾ اليڪٽرڪ بس سروس شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آھي.
سي ايم ھائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاھ سان ايشين ڊولپمينٽ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مس ايما فين جي قيادت ۾ اعليٰ سطح وفد ملاقا ت ڪئي.
اجلاس دوران ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تہ ڪي سي آر منصوبو سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح ۽ فليگ شپ پراجيڪٽ آهي، ڪراچي جهڙي ميگا سٽي کي فوري طور تي سرڪيولر ريلوي جي ضرورت آهي.
ھن چيو تہ هي رڳو ٽرانسپورٽ منصوبو ناهي پر شهر جي لائف لائن آهي، ڪي سي آر جي بحالي سان ٽريفڪ جي دٻاءُ ۽ ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي ايندي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر اصولي طور تي ڪي سي آر جي مالي مدد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي تہ گهربل دستاويز بئنڪ بورڊ جي منظوري لاءِ جلد پيش ڪن.
اجلاس ۾ سال 2026 کان 2029 تائين جي لاءِ تقريبن 3 ارب ڊالر جي ترقياتي منصوبن تي بہ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انهن منصوبن ۾صحت، تعليم، سيڪنڊري ۽ صحت جي نظام جي بھتري جا منصوبا شامل آھن…..