سنڌ حڪومت ۽ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي کي وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آھي.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ايشين ڊولپمينٽ جي وفد سان اعليٰ سطحي اجلاس ڪيو، جنھن دوران ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تي جاري ڪم جو جائزو ورتو ويو.
ايشين بينڪ جي وفد ۾ ڊيوڊ مارگونز، سيد عمر علي شاھ، حميد خان ۽ ٻيا شامل ھئا.
اجلاس دوران منصوبي تي جاري ڪم ۽ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي.
ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي وفد ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي کي ڪراچي واسين لاءِ اھم قرار ڏنو.
وفد جو چوڻ ھو ته منصوبي کي وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ مالي ۽ ٽيڪنيڪي سھڪار فراھم ڪيو ويندو.
ان موقعي تي ڳالھائيندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي سنڌ حڪومت جو ترجيحي منصوبو آھي.
سينيئر وزير چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي سان روزانو لکين ماڻھن کي فائدو ٿيندو.
سندس چوڻ ھو ته منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ادارا رابطي ۾ رھن ۽ گڏيل سھڪار کي ھٿي ڏين.
سندس چوڻ ھو ته منصوبو مڪمل ٿيڻ سان شھرين کي محفوظ، تيز ۽ گھٽ لاڳت سفري سھولت ملندي