سنڌ حڪومت پاران رجسٽرڊ آبادگارن کي 2 فيبروري کان ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ حڪومت تصديق شده ڪسانن کي يوريا ڀاڻ تي سبسڊي 2 فيبروري کان ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مھر موجب يوريا ڀاڻ جي سبسڊي لاءِ 12 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جاري ڪئي وئي آهي، جڏھن تہ ڪڻڪ جي رجسٽرڊ آبادگارن کي في ايڪڙ تي 8 هزار رپيا سبسڊي ڏني ويندي.

صوبائي وزير چيو تہ 2 لک 12 هزار 171 آبادگارن جي فهرست سنڌ بينڪ ڏانهن اماڻي وئي آهي، جڏھن تہ زراعت کاتي رجسٽرڊ شده آبادگارن کي سبسڊي جي رقم جاري ڪرڻ بابت هدايتون پڻ جاري ڪري ڇڏيون آهن.

هن وڌيڪ چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي ڪڻڪ جي آبادگارن کي سبسڊي فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏھن تہ رجسٽرڊ آبادگار سومر کان سنڌ بينڪ ۽ لاڳاپيل بينڪن مان سبسڊي جي رقم حاصل ڪري سگهن ٿا….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں