ڪراچي: سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت گهٽ ۾ گهٽ 4200 رپيا في مڻ مقرر ڪئي وڃي، جيئن ھارين کي مناسب معاوضو ملي سگهي.
سنڌ جي زراعت واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن سبب صوبائي حڪومتون وفاق جي هدايت کان سواءِ ھارين کي امدادي قيمت فراهم نٿيون ڪري سگهن، جنهن ڪري ھاري شديد مالي دٻاءُ هيٺ آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ھارين ۽ آبادگارن کي مناسب قيمت نه ڏني وئي ته اهي ڪڻڪ جي پوک ڇڏي ٻين فصلن ڏانهن وڃڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا، جنهن ڪري ملڪ ۾ خوراڪ جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.
سردار محمد بخش مهر ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ھارين لاءِ ”ڪڻڪ پوکيو سپورٽ پروگرام“تحت 56 ارب رپين جو امدادي پيڪيج متعارف ڪرايو آهي، جنهن تحت ھارين کي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ خريدڻ لاءِ في ايڪڙ تي 24 هزار 700 رپيا سبسڊي ڏني ويندي.
هن چيو ته هي سهولت ھڪ کان 25 ايڪڙ تائين زمين وارين 4 لک 11 هزار ھارين کي ڏني ويندي. ھيل تائين هڪ لک 32 هزار 601 ھارين پنهنجا نالا رجسٽر ڪرايا آهن ۽ رجسٽريشن جو عمل جاري آهي.
هاري ڪارڊ اسڪيم تحت هارين لاءِ 8 ارب رپين جو الڳ امدادي پيڪيج پڻ مختص ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 52 هزار 993 نون هارين جا ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ بئنڪ جي سڀني شاخن ذريعي ورهايا پيا وڃن.
صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي پڻ ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري چڪي آهي. بلاول ڀٽو زرداري خاص طور تي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي ڪسانن کي وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪيون وڃن.