ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ اعلان ڪيو آھي تہ گل پلازہ سانحي ۾ فوت ٿيل جي وارثن کي ھڪ ھڪ ڪروڙ رپيا ڏنا ڏيندا
ترجمان موجب سنڌ وڏي وزير مراد علي شاهہ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر حسين، سعيد غني، ميئر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
وڏي وزير مراد علي شاهہ چيو تہ گل پلازہ سانحي ۾ فوت ٿيل ماڻھن جي وارثن ۾ امداد جي فراھمي سڀاڻي کان شروع ٿيندي.
وڏي وزير چيو تہ گل پلازہ ۾ باھ لڳڻ تي صدمو پھتو آھي، جاني نقصان جو مطلب آھي تہ ڪيترائي خاندان متاثر ٿيا آھن، سمورا متاثر بيروزگار ٿيا آھن، چاھيان ٿو تہ متاثرن جي بحالي قدم کنيا وڃن.
مراد علي شاھ چيو تہ صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون بار بار فونون اچي رھيون آھن، پ پ قيادت چاھي ٿي تہ گل پلازہ جي واپارين کي فوري بحال ڪيو وڃي، پلازہ جي سمورن متاثرن کي بحال ڪنداسين.
وڏي وزير چيو تہ ڪئين متاثرن جي بحالي ڪئي وڃي، ان جو فيصلو ڪرڻو آھي، ٻڌايو پيو وڃي تہ گل پلازہ ۾ 1200 دڪان آھن، يعنتي 1200 متاثر آھن.
هن چيو تہ گل پلازہ ۾ باهه لڳڻ تمام وڏو واقعو آهي، فائر فائٽرز ۽ ريسڪيو عملو ٽن مختلف هنڌن تان اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آهي، 73 ماڻهو گم آهن ۽ ڪوشش آهي تہ گم ماڻهن جو پتو لڳائي سگهجي.
ان کانسواءِ مراد علي شاهہ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي تہ ملبو هٽائڻ جو ڪم فوري طور شروع ڪيو وڃي.
هن چيو تہ باهه لڳڻ جي فرانزڪ رپورٽ تيار ڪرائي ويندي تہ جيئن معلوم ٿي سگهي تہ باهه ڪيئن لڳي، گل پلازہ واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي خاندانن کي فوري معاوضو ڏيڻ چاهيان ٿو.
ترجمان موجب، وڏي وزير گل پلازه جي متاثرن لاءِ هڪ ڪميٽي بہ قائم ڪري ڇڏي آهي۔…