ڪراچي: سنڌ حڪومت ريڊ لائن منصوبي تي ڪم تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.
سڌسماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ريڊ لائن واحد منصوبو آھي جنھن سان عوام کي تڪليف ٿي رھي آھي، جڏھن تھ حڪومت ان کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رھي آھي.
خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالھائيندي ھن ٻڌايو تھ ريڊ لائن منصوبي تي ڪم تسلي بخش انداز ۾ نھ ٿي رھيو ھو، جنھن سبب حڪومت لاڳاپيل ڪانٽريڪٽ ختم ڪري ڇڏيو.
ھن چيو تھ حڪومت ان اھم ڪوريڊور کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ چاھي ٿي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي تھ ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ منصوبي تي ڪم ٻيھر شروع ڪيو وڃي.
شرجيل انعام ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ شاھراھ ڀٽو تي ڪم جي اڳڀرائي اطمينان بخش آھي ۽ ايندڙ مھيني مڪمل طور تي عوام لاءِ کوليو ويندو.