ڪراچي ( ڊبليو ٽي اين/نمائندن وٽان ) ڀارت پاران پاڻي ڇڏڻ ۽ تيز برساتن کانپوءِ پنجاب ۾ جتي وڏي پئماني تي تباھي ٿي آھي، اتي سنڌ ۾ به وڏي ٻوڏ جو خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي، اڃا تائين پنجاب جو پاڻي سنڌ ۾ ناھي پھتو پر ان کان اڳ ئي صوبي ڪچي ۾ وڏي پئماني تي تباھي جون خبرون سامھون اچي رھيون آھن.
سنڌو درياھھ جي وھڪرن ۾ مسلسل چاڙھه جو سلسلو جاري آھي، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجز وٽ ڪڏھن پاڻي گھٽ ٿئي پيو ته وري ڪڏھن پاڻي جا وھڪرا وڌن پيا پر گڊو بئراج وٽ 3 کان 4 سيپٽمبر تائين 7 کان 8 لک ڪيوسڪ تائين پاڻي پھچڻ جو خدشو ظاھر ڪيو ويو آھي.
ھڪ پاسي سنڌ حڪومت ڪنھن به امڪاني ٻوڏ کي منھن ڏيڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪرڻ جون دعوائون ڪري رھي آھي، ٻي پاسي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوري جو چوڻ آھي ته ھو مھا ٻوڏ جي تياري ڪري رھيا آھن.
نجي ٽي وي جيو نيوز سان ڳالھائيندي سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو ته درياھ جي بندن تي وزيرن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون آھن، پاڻي جي وھڪرن کي مانيٽر ڪري رھيا آھيون، جيڪڏھن بند ٽٽا تھ پاڻي آبادي ۾ داخل ٿيندو، ھن ايندڙ سال سکر بئراج جا گيٽ تبديل ڪرڻ جو بھ اشارو ڏنو.
سنڌ جي ڪچي ۾ چاڙهه
سنڌو درياھ ۾ چاڙھه سبب گھوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، خيرپور ۽ گمبٽ جو ڪچو ٻڏي وڃڻ سبب سوين ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا، جنھن بعد ھزارين ماڻھن جي پنھنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آھي ،ڪچي ۾ ڪيترن ئي ايڪڙن تي پوکيل ترن، وونئڻ سميت ٻين فصلن سان گڏ ليمن جي باغن کي پڻ دريائي پاڻي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آھي.
گھوٽڪي ضلعي جي ڪچي ۾ ٻوڏ سبب سوين ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ آھن، جنھن سبب ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا ۽ زرعي زمينون به ٻڏي ويون آهن، آندل سندراڻي، ڇهون بلاڪ، وسطي عنايت شاهه، وسطي جيوڻ شاهه، نُور جو ڪچو، نيامڻ لانڍي، خيري جو ڳوٺ، ڪچوٻنڊي، ۽ ڪيترائي ٻيا ڳوٺ پاڻي ھيٺ آيل آھن.
ڪيترائي خاندان پنهنجي مدد پاڻ تحت گهر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏي ويا آهن، رھواسين جي چوڻ آھي انتظاميا پاران لڏپلاڻ ۾ کين ڪا به مدد فراھم ناھي ڪئي وئي، ھو پنھنجي مدد پاڻ تحت محفوظ ھنڌن تي منتقل ٿي رھيا آھن.
ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي قادرپور ويجھو شينڪ بند جو معائنو ڪيو ۽ انتظاميه کي ھدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪ بند جي نگراني جاري رکي وڃي، ھن بند جي ڪپرن تي رھندڙ ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪرڻ جون ھدايتون به جاري ڪيون.
ڪنڊيارو تعلقي سان لڳندڙ ڪچي وارن علائقن ڪمالديرو، بکري، ماهي جا ڀاڻ جا ڪيترائي ڳوٺ ٻڏل آھن، سنڌو درياھ ۾ چاڙھه سبب ڪچي جا سمورا پتڻ بند ٿي ويا ۽ ڪيترن علائقن جو زميني رستو پڻ ڪٽجي ويو . ڳوٺ فتح علي جتوئي وٽ انتهائي حساس قرار ڏنل ڪمالديرو بکري زيرو پوائنٽ وٽ درياھ جو پاڻي وڌڻ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آھي.
جوھي ۾ فوج پھچي وئي
دادو ضلعي جي علائقي جوھي ۾ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪ فوج جي انجنيئرنگ ڪور ٽيم ايف پي بند تي پھچي وئي آھي، جنھن حمل ڍنڍ کان منڇر ڍنڍ تائين ايف پي بند جو جائزو ورتو ۽ بند جي نازڪ ھنڌن جو معائنو ڪيو.
پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ آبپاشي کاتي جا انجنيئر ۽ عملي جا ماڻھو پڻ گڏ ھئا، ذريعن موجب سنڌو درياھھ ۾ پاڻي ۾ واڌ جي صورت ۾ پاڻي کي 2010 ۽ 2022 جيان رستو ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، ان حوالي سان سرڪاري سطح تي ڪو به فيصلو ناھي ٿي سگھيو.
خيرپور ضلعي جي تعلقي گمبٽ ۾ راضي ديرو جي ڪچي ۾ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، ڳوٺاڻن موجب سندن ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي، وچولي درجي جي ٻوڏ باوجود ڪير به سندن مدد لاءِ ناھي پھتو.