عمرڪوٽ (ڊبليو ٽي اين نيوز) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس صلاح الدين پنهور چيو آهي ته سنڌ جي ٻارن سان تعليم جي نالي تي 40 سالن کان فراڊ ۽ دوکو ٿيندو رھيو آھي.
اھڙو اظھار ھن عمرڪوٽ جي دوري دوران گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ تقريب کي خطاب دوران ڪيو. جسٽس صلاح الدين پنھور چيو تھ سنڌ جي ڪاليجن ۾ جعلي ڊگريون بھ ڏنيون وڃن ٿيون.
ھن چيو تھ ايسوسيئيٽ ڊگري فراڊ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، سنڌ ۾ بنا ڪنهن خرچ جي 400 يونيورسٽيون ٺهي سگهن ٿيون، تعليم سان مذاق ڪرڻ جو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي.
جسٽس صلاح الدين پنھور ڪاليج ۾ پروفيسرن ۽ شاگردن سان ملاقات بعد ڪاليج ليب ۽ ڪلاس رومن جو دورو ڪري شاگردن سان تعليمي سرگرمين بابت ڳالهه ٻولهه بھ ڪئي، ھن ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر ليب جو افتتاح پڻ ڪيو.
گارڊ آف آنر وٺڻ کان انڪار

سپريم ڪورٽ جي جج جي عمرڪوٽ آمد بعد پوليس پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو تھ جسٽس صلاح الدين پنھور انڪار ڪري ڇڏيو، سندس ھدايتن تي پوليس ڪاليج جي بھترين استادن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
جسٽس صلاح الدين پنھور پوليس جي گارڊ آف آنر دوران پاڻ بھ شاگردن سان گڏ بيھي استادن کي سلام پيش ڪيو.
جسٽس صلاح الدين پنھور چيو تھ گارڊ آف آنر جو حقدار مان نھ پر ھن ڪاليج جا بھترين استاد آھن، جيڪي پوري ايمانداري سان ٻارن کي تعليم ڏئي رھيا آھن.
ھن چيو تھ عمرڪوٽ ۾ نياڻين جي تعليم ڪٿي نظر نھ ٿي اچي ۽ ان صورتحال جا اسان سڀ ذميوار آھيون.
جسٽس صلاح الدين پنھور چيو تھ سنڌ جي ٻارن سان 40 سالن کان تعليم جي نالي تي فراڊ ۽ دوکو ٿيو آھي، ھن چيو تھ مون ڏينھن رات ھڪ ڪري تعليم جو ڪيس وڙھيو، مون کي چيو ويو تھ توھان کي شايد گھر اماڻيو ويندو.
ڪي پي جي ھر ضلعي ۾ يونيورسٽي آھي
سپريم ڪورٽ جي جج وڌيڪ چيو تھ ڊگري ڪاليجن ۾ 2 سالن جي ڊگري ڏني ويندي ھئي، مون اھو فراڊ پڪڙيو، بيچلر ڊگري 4 سالن جي ٿيندي آھي، ايسوسيئيٽ ڊگري ھڪ فراڊ آھي، استاد بينرز لڳائي آگاھي ڏين.
ھن چيو تھ سنڌ جي تعليم سان مذاق ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي، سنڌ ۾ بنا ڪنھن خرچ جي 400 يونيورسٽيون ٺھي سگھن ٿيون، خيبر پختونخواھ جا جج چون ٿا تھ ھنن وٽ اھڙو ڪو به ضلعو ناھي، جتي يونيورسٽي نھ ھجي.
سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس صلاح الدين پنھور چيو تھ ڪنھن بھ آفيسر يا عھديدار کي سائين سائين ڪرڻ جي ضرورت ناھي، سرڪاري آفيسر اوھان جا ۽ عوام جا خادم آھن.
تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ سيشن جج عمرڪوٽ، ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ، ڊي سي ۽ ٻيا عملدار بھ شريڪ ٿيا.