سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه ۽ مواصلات واري وزير عليم خان وچ ۾ ملاقات دوران حيدرآباد سکر موٽروي منصوبي تي جلدي ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آھي..
وفاقي وزير عليم خان سي ايم ھائوس ڪراچي پھچي وڏي وزير مراد علي شاھ سان ملاقات ڪئي، جنھن دوران ايم سڪس ۽ ايم ٽن منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي..
ان موقعي تي وفاقي سيڪريٽري علي شير بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حيدرآباد سکر موٽروي ايم سِڪس منصوبو جيڪو اوڀر ڏکڻ موٽروي لنڪ جو آخري حصو آھي، ان جي حتمي منظوري ٿي چڪو آھي، اقتصادي رابطه ڪميٽي منصوبي لاءِ 3 سئو 63 ارب رپيا منظور ڪيا آھن..
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي منصوبي کي پنجن مرحلن ۾ مڪمل ڪندي، اسلامي بينڪ ٻن حصن جي فنڊنگ جي خاطري ڪرائي آھي، جڏھن ته ھڪ چيني ڪمپني پنج ئي حصا تعمير ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاھر ڪئي آھي..
وڏي وزير مراد علي شاھ، وفاقي حڪومت جي سھڪار جي آجيان ڪندي چيو تھ منصوبو نه رڳو سنڌ پر سموري ملڪ جي معيشت لاءِ اڻٽر آھي، ايم نائن سنڌ جي نوجوانن کي روزگار فراھم ڪندو، ايم ٽين منصوبو ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي مسئلن کي ختم ڪندو..
وفاقي وزير عليم خان، وڏي وزير مراد علي شاھه کي خاطري ڪرائي ته مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اَي ٻنھي منصوبن کي شفاف ۽ وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ پر عزم آھن..