سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آھي، جنھن سبب روڊن تي پاڻي بيھجي ويو آھي.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير ڪٿي تيز تھ ڪٿي ھلڪي برسات پئي.
سکر ۾ بہ گجگوڙ سان گڏ وسڪارو ٿيو، جنھن سبب شھر جي مختلف ھنڌن تي پاڻي بيھجي ويو.
واھي پانڌي، سکر، ڏوڪري، ڄام صاحب، جروار ۽ ٻين علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آھي، ڪنڊيارو، ٽنڊو مير علي، ڏھرڪي ۽ ٻين شھرن ۾ بہ برسات بعد روڊن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو.
ڏھرڪي ۾ برسات بعد ملت روڊ، ظفر بازار، جامع مسجد چوڪ ۽ ٻين علائقن مان پاڻي نيڪال نہ ٿي سگھيو.
ڏوڪري ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان جاري رھندڙ برسات سبب بجلي بند ٿي وئي، جڏھن تہ مواصلاتي نظام بھ درھم برھم ٿي ويو.