سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن کي نقصان

فہرستِ مضامین

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو ھلندڙ آھي، جنھن سبب عام زندگي سخت متاثر ٿي، جڏھن تہ ڪڻڪ سميت ٻين فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي.

ڪراچي، نوابشاهہ، لاڙڪاڻو، قمبر، جيڪب آباد، قبو سعيد خان، قاضي احمد ۽ سجاول جوڻيجو سميت ڪيترن ئي شهرن ۽ علائقن ۾ ڪٿي هلڪي تہ ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري آھي.

ساڳئي ريت ٺڪراٺو، پڊعيدن، سامارو، پکو، ٽنڊو رحيم خان، جوھي، وڳڻ، بوزدار وڏا، اڳڙا ۽ کورواهہ ۾ به برسات پئي آھي.

برسات سبب سرھاڙي، سڪرنڊ، راڄو خاناڻي، ڄام صاحب، راڌڻ، هالاڻي ۽ جھوڪ شريف سميت مختلف علائقن ۾ ڪڻڪ، سرنهن ۽ ٻين فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي،

دوداپور، ڪنڊيارو، تلھار، ٽنڊوباگو، پکو ۽ ٿاڻو بولا خان سميت ٻين علائقن ۾ بہ برسات جو سلسلو جاري آهي۔

مسلسل برساتن سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن ڪري شهري زندگي متاثر ٿي آهي، ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جڏھن تہ مواصلاتي نظام بہ درھم برھم ٿي ويو آهي۔

زرعي ماهرن موجب هن وقت ڪڻڪ جي پڪي فصل لاءِ مسلسل برسات انتهائي نقصانڪار آھي، ڇو تہ ان سان پيداوار گهٽجڻ جو خدشو آهي۔ موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي تہ ايندڙ ڪجهہ ڏينهن تائين وقفي وقفي سان برساتن جو سلسلو جاري رھڻ جو امڪان آهي، تنهنڪري عوام کي احتياط ڪرڻ ۽ غيرضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں