سنڌ جي لوڪل ڪائونسلز جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي، فنڊز جي ماھوار استعمال بابت رپورٽ طلب

فہرستِ مضامین

ڪراچي ( ڊبليو ٽي اين رپورٽ )  سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سڄي سنڌ جي يوسيز، ٽائون ۽ ميونسپل ڪاميٽين، ميونسپل ڪارپوريشنز سميت سنڌ جي سمورين لوڪل ڪائونسلز جي ڪارڪردگيءَ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي سنڌ جي سڀني لوڪل ڪائونسلن کان او زي ٽي فنڊز جي استعمال جي ماهوار رپورٽ گھري ورتي آهي.

پي اي سي سنڌ جي سڀني لوڪل ڪائونسلز کي سنڌ حڪومت طرفان ساليانو جاري ٿيندڙ 168 ارب رپين جي او زي ٽي فنڊز جي استعمال ۽ خرچن ج تفصيل جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي۔ پي اي سي خزاني واري کاتي ۽ بلديات کاتي کي هدايت ڪئي آهي تہ جيڪي لوڪل ڪائونسلز او زي ٽي فنڊز جي استعمال بابت ماهوار رپورٽ جمع نہ ڪنديون تن کي او زي ٽي فنڊز جاري نہ ڪيا وڃن۔

پي اي سي چيئرمين نثار کھڙو چيو تہ سنڌ حڪومت سنڌ جي لوڪل ڪائونسلز کي ساليانو او زي ٽي جي مد ۾ 168 ارب رپيا ڏئي رهي آهي پر اها رقم ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿي رھي آهي ان بابت ڪجهه معلوم نہ ٿو ٿئي، تنهن ڪري لوڪل ڪائونسلن کي کليل ڇوٽ نہ ٿي ڏئي سگهجي۔

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کھڙو جي صدارت هيٺ ڪميٽي روم ۾ ٿيو۔ اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر قاسم سراج سومرو بلديات کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عامر حسين سميت سکر ڊويزن جي لوڪل ڪائونسلن جي آفيسرن شرڪت ڪئي۔

سکر ڊويزن جي پيرائن جو جائزو

 اجلاس ۾ سکر ڊويزن جي لوڪل ڪائونسلن جي سال 2022 ۽ 2023ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو۔ اجلاس ۾ پي اي سي سنڌ جي يوسيز، ٽائون ۽ ميونسپل ڪاميٽين، ميونسپل ڪارپوريشنز سميت سڀني لوڪل ڪائونسلز جي ڪارڪردگيءَ تي بي اعتمادي ظاھر ڪئي.

پي اي سي چيئرمين نثار کھڙو چيو تہ سنڌ حڪومت لوڪل ڪائونسلن کي ساليانو 168 ارب رپيا او زي ٽي فنڊ جاري ڪري رھي آهي جن ۾ 80 ارب رپيا ترقياتي بجيٽ بہ شامل آهي پر لوڪل ڪائونسلون 168 ارب رپين مان 30 سيڪڙو بہ ترقياتي ڪم تي خرچ نه پيون ڪن، جنهن ڪري ڪارڪردگي تي عوام سوال ڪري رھيو آھي۔

لوڪل ڪائونسلز کي کليل ڇوٽ نٿا ڏئي سگھون

هن وڌيڪ چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن کي ماهوار 10 کان 12 ڪروڙ، ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽين کي ماهوار 2 کان اڍائي ڪروڙ ۽ يوسيز کي 10 کان 12 لک رپيا او زي ٽي فنڊ ملي ٿو پر لوڪل ڪائونسلز فنڊز جي استعمال جي رپورٽ ڪنهن کي نہ پيون ڏين ۽ پاڻ کي ڪنهن آڏو جوابدہ نه ٿيون سمجھن تنھنڪري اسان کين اهڙي کليل ڇوٽ نه ٿا ڏئي سگهون، لوڪل ڪائونسلن کي جوابدہ ٿيڻو پوندو۔

چيئرمين پي اي سي بلديات کاتي جي عملدارن کان سوال ڪيو  پڇيو ته ڇا لوڪل ڪائونسلز هر مهيني او زي ٽي فنڊز جي استعمال جي رپورٽ کاتي کي موڪلين ٿيون؟ جنهن تي ايڊيشنل سيڪريٽري ٻڌايو ته لوڪل ڪائونسلون فنڊن جي استعمال واري رپورٽ نٿيون موڪلين۔

15 منٽن ۾ رقم ڪڍي آفيسر بدلي ٿي ويندو

 چيئرمين چيو تہ جيڪڏهن لوڪل ڪونسلون او زي ٽي فنڊز جي استعمال جي رپورٽ نہ موڪلين تہ پوءِ ڪيئن معلوم ٿيندو تہ اهي فنڊ ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿي رھيا آهن؟ ايڊيشنل سيڪريٽري ٻڌايو تہ بلديات کاتي جي ريجنل ڊائريڪٽرن جو ڪم آهي تہ هو پنهنجي ڊويزن جي لوڪل ڪائونسلز جي انسپيڪشن ڪن۔

ڪميٽي ميمبر قاسم سراج سومرو چيو ته سنڌ جون ڪيترين ئي يوسيز ۽ ٻين لوڪل ڪائونسلن ۾ تہ 15 منٽن ۾ او زي ٽي رقم ڪڍرائي  ويندي آهي ۽ ٻئي ڏينهن آفيسر بدلي ٿي ويندو آهي۔

168 ارب رپيا حڪومت ڏئي ۽ بدنامي بہ برداشت ڪري؟

 چيئرمين نثار کھڙو چيو تہ جيڪڏھن لوڪل ڪائونسلز عوام جي ٽيڪس جا پئسا عوام جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ نہ ڪنديون ته پوءِ جواب بہ انهن کان وٺنداسين، پر بدنامي سنڌ حڪومت ڇو کڻي؟ تنهن ڪري اهو نه ٿي سگهي ته سنڌ حڪومت ساليانو 168 ارب رپيا ڏئي ۽ بدنامي بہ سهي۔ هاڻي او زي ٽي جي رقم استعمال رپورٽ پيش ڪرڻ تي جاري ٿيندي۔

ڪميٽي ميمبر قاسم سراج سومرو چيو تہ جيڪا لوڪل ڪائونسل هر مهيني او زي ٽي فنڊ جي استعمال بابت رپورٽ پيش ڪندي ان کي ايندڙ مهيني او زي ٽي رقم جاري ڪئي وڃي۔

فنڊز جي استعمال بابت رپورٽ طلب

ان موقعي تي پي اي سي سنڌ جي سڀني لوڪل ڪائونسلن کان او زي ٽي فنڊز جي استعمال جي ماهوار رپورٽ طلب ڪري ورتي۔ پي اي سي سنڌ جي سڀني لوڪل ڪائونسلن کي او زي ٽي فنڊز جي استعمال ۽ خرچن جا تفصيل پڻ پيش ڪرڻ جو بہ حڪم ڏنو۔

ناڻي ۽ بلديات کاتي کي هدايت ڪئي وئي تہ جيڪي لوڪل ڪائونسلون ماهوار رپورٽ جمع نہ ڪنديون تن کي او زي ٽي فنڊ جاري نہ ڪيا وڃن۔ پي اي سي بلديات کاتي جي ريجنل ڊائريڪٽرن کي پنهنجي ڊويزن جي لوڪل ڪائونسلن جي انسپيڪشن ڪرڻ جو بہ حڪم ڏنو۔

پي اي سي بلديات کاتي کي سنڌ جي سڀني لوڪل ڪائونسلن جي ملازمن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ ۽ ملازمن جي بائيو ميٽرڪ ڪرڻ جي بہ هدايت ڪئي۔ پي اي سي سيلز ٽيڪس جا 70 لک رپيا سرڪاري خزاني ۾ جمع نہ ڪرائڻ تي گمبٽ ميونسپل ڪميٽي جي چيف ميونسپل آفيسر کي معطل ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں