سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن مڪاني ننڍي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو ھو، صوبي جي 14 ضلعن ۾ 28 سيٽن تي مڪاني ننڍي چونڊ دوران مجموعي طور 167 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون، ڪراچي ۾ ٽن ضلعن ۾ 5 سيٽن تي ننڍي چونڊ ٿي، حيدرآباد ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي چونڊ لاءِ جنرل وارڊ جي 6 سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ 18 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون.
سکر ڊويزن جي 6 مان 5 سيٽن تي ووٽنگ ٿي، 2 لک 43 ھزار 187 ووٽرز ووٽ جو حق استعمال ڪيو، اليڪشن ڪميشن موجب 167پولنگ اسٽيشنز قائم ٿيل آھن.
سنڌ ايمپلائيز الائينس جَي سڏ تي ٻئي ڏينھن بہ سموري سنڌ ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ آفيسن ۾ ھڙتال ڪري تالابندي ڪئي وئي ، ملازمن جو چوڻ آھي تہ 6 آڪٽوبر تي بلاول ھائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.
ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، شھيد بينظير آباد ۽ سکر ڊويزن جي ننڍن وڏن شھرن ٻئي ڏينھن بہ اسڪولن ۽ آفيسن جي تالابندي ڪئي وئي .
نوشھرو فيروز،قمبر، مورو، ڊگهڙي، ٺري ميرواھ، فيض گنج ۽ ٻين شھرن ۾ سرڪاري ملازمن جا پينشن ۾ ڪٽوتي ۽ ٻين مطالبن جِي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاھرا ڪيا .
گمبٽ جي مراد هاءِ اسڪول جي استادن بہ مطالبا منظور نہ ٿيڻ خلاف تي 6 آڪٽوبر تي بلاول هائوس اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪيو آھي .
مراد هاءِ اسڪول گمبٽ جي استادن پنهنجي جائز حقن لاءِ اڻ اعلانيل مُدي تائين احتجاج شروع ڪيو آهي.
استادن جي اهم مطالبن ۾ پينشن ڪٽوتي ختم ڪرڻ، ڊي آر اي الائونسز، گروپ انشورنس سميت ٻيا سڀئي قانوني حق شامل آهن.
استادن جو چوڻ هو تہ جيڪڏهن استاد ئي خوشحال نه هوندو ته سنڌ ڪيئن پڙهندي ۽ ڪيئن وڌندي.
اڪري چودڳي ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي ٻئي ڏينهن بہ سرڪاري ادارن کي تالا بندي ڪئي وئي، ھاءِ اسڪول ظفرآباد جي استادن پاران بہ اسڪول کي تالا هڻي تدريسي عمل بند ڪري احتجاج ڪيو.
مويا ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي پينشن جي مبينا ڪاري قانون ۽ ٻين سرڪاري ملازمن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف احتجاجي تحريڪ مويا ۾ ٻئي ڏينهن به جاري رهي. استادن شهر جي مختلف تعليمي ادارن ۾ اسڪولن کي تالا لڳائي مڪمل بائيڪاٽ ڪيو.
ان موقعي تي استادن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ايمپلائيز الائنس جي مرڪزي اڳواڻن طرفان اعلانيل 23 سيپٽمبر کان احتجاجي تحريڪ ۽ 27 سيپٽمبر 2025 کان صوبي ۾ سڀني سرڪاري آفيسن جي اڻڄاتل مدي تائين بند ڪرڻ واري فيصلي جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي.
دوڙ ۾ سنڌ ايمپلائيزالائنس جي سڏ تي اڄ ٻئي ڏينهن به سرڪاري ملازمن جو احتجاج جاري آهي، مين پرائمري سنڌي اسڪول جي هيڊ ماستر ميهر محمد مغل، استاد فرحان شاھ، استاد نواز علي مري استاد محمد موسي واسواڻو، استاد عثمان وڳڻ، استاد زوهيب ڀٽي ۽ ٻين پاران اسڪولن جي تالابندي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي .
اڳواڻن چيو ته حڪومت هر ٻئي ڏينهن نوان نوان قانون لاڳو ڪري ملازمن سان معاشي ناانصافي ڪري رھي آھي، جبر تحت پينشن ۾ ڪٽوتي ۽ الائونسز نه ڏيڻ ملازمن جو معاشي قتل آهي جنهن کي اسان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.
راڄوخاناڻي ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي مرڪزي سڏ تي ٻئي ڏينهن به راڄوخاناڻي جي آر ايڇ سي اسپتال ، بخشو نظاماڻي بوائز پرائمري اسڪول ، ھاء اسڪول ۽ ٻين سرڪاري ادارن کي تالا لڳل آھن، جڏھن ته سرڪاري اسپتال تي ايندڙ مريض پريشاني کي منھن ڏئي رھيا آھن.
ٺري ميرواھ: سنڌ ايمپلائيزالائنس جي سڏ تي اڄ ٻئي ڏينهن به سرڪاري ملازمن جو احتجاج جاري آھي، استادن پاران ھاء اسڪول ٺري ميرواھ جي تالابندي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي استاد شرجيل شر، نور محمد شر، انصار ٻانڀڻ، منور ٻانڀڻ جاويد جوڳي ۽ ٻين چيو ته حڪومت هر آءِ ڏينهن نوان نوان قانون لاڳو ڪري ملازمن سان معاشي ناانصافي ڪئي پئي وڃي، جبر تحت پينشن ۾ ڪٽوتي ۽ الائونسز نه ڏيڻ ملازمن جو معاشي قتل آهي جنهن کي اسان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.
پڊعيدن ۾ سرڪاري ملازمن جو پنهنجي جائز مطالبن جي لاءِ ملازمن جي گڏيل اتحاد سنڌ ايمپلائيز گريڊ الائينس جي سڏ تي آر ايڇ سي پڊعيدن ۾ ملازمن اسپتال جي تالا بندي ڪندي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.
سرڪاري ملازم سراپا احتجاج بڻيل آھن
ملازمن جي اڳواڻن مير اعجاز راڄپر، ڊاڪٽر معراج لاشاري، اصغر علي راڄپر، زاهد حسين سومرو، فياض حسين راڄپر، خالد منگي غلام محمد راڄپر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ملازمن سان ماتيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي.
اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته نوٽيس وٺي ملازمن جا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن ۽ ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.
خيرپور ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي مرڪزي سڏ تي سرڪاري ملازمن پاران آفيسن جي مڪمل تالا بندي ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي سيشن ڪورٽ روڊ تي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آھي.
مختلف کاتن جي ملازمن طرفان سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي مطالبن جي مڃتا تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آھي.
ڪنڌڪوٽ سنڌ الائنس جي اپيل تي پنهنجن مطالبن جي منظوري لاءِ ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آھي .
احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي اسماعيل چاچڙ، رحمت الله ملڪ، ذوالفقار تبسم ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي، ڪنڌڪوٽ ۾ تعليمي ادارا بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو، اسڪول، ڪاليج، اسپتال، مختيارڪار آفيس ۽ بلدياتي ادارن جي ملازمن قلم ڇڏ هڙتال ڪئي.
ملازمن مطالبو ڪيو ته اڻ برابري، معاشي استحصال ۽ ناانصافين جو خاتمو آندو وڃي.
ٽنڊو محمد خان جي گورنمينٽ خان محمد وگھامل اسڪول جا ٻارڙا تالا بندي باوجود اسڪول پھچي ويا ـ
ٻارڙا اسڪول پھچي تالا بندي ڪندڙ ھيڊماستر کان پڙھائڻ جو مطالبو ڪيو .
اسڪول ھيڊ ماستر مشتاق وگھامل پاران ٻارڙن سان گڏ وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آھي، جنھن ۾ ھيڊماستر پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان فوري طور پينشن سميت ٻيون مراعتون بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
باڊھ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي باڊھ ۾ ٻئي ڏينھن به مطالبن جي مڃتا لاء سرڪاري ادارن جي تالا بندي ڪري ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي وئي, علائقي جي سمورن اسڪولن ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري اسڪولن جي گيٽن آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيا ويا, باڊھ ۾ پ ٽ الف جي اڳوان نياز حسين ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري مطالبن جي مڃتا لاء نعريبازي پڻ ڪئي.
جوهي آل سنڌ ايمپلائيز جي سڏ تي سرڪاري ملازمن پاران اڄ ٻي ڏينهن به احتجاج جو سلسلو جاري رھيو، تعلقه اسپتال جي عملي پاران ٻي ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج جو سلسلو جاري رکيو.
تلهار۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي مرڪزي سڏ تي اعلانيل سمورن سرڪاري ادارن کي 23 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر تائين تالا بندي واري سڏ تي رورل هيلٿ سينٽر تلهار ۾ ٻئي ڏينهن به اوپي ڊي جي تالا بندي ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آهي .
ان موقعي تي عبدالرشيد ملاح، فرزانا جتوئي، رازو مڪواڻو ۽ ٻين چيو ته اسان جا جائز مطالبا حل نٿا ٿين تيستائين تالا بندي جاري رهندي.
ڪنڊيارو ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي سڄي سنڌ جيان ڪنڊيارو تعلقي ۾ به ٻئي ڏينهن احتجاج جاري رکيو ويو .
سمورين آفيس سميت سمورا پرائمري توڙي هاء اسڪولن کي تالا ھنيا ويا آھن، گسٽا ۽ پ ٽ الف سميت ٻين کاتن طرفان پينشن رول ۾ ڪارو قانون لاڳو ڪرڻ ۽ ڊي آر اي نه ڏيڻ خلاف اسپتالن ، روينيو ۽ ٻين کاتن جي آفيسن جي تالا بندي ٻئي ڏينهن به جاري رکي.
گسٽا جي تعلقي صدر نياز مشوري ، پ ٽ الف جي تعلقي صدر عزيز عباسي ، آپڪا جي ضلعي صدر نظير سيال ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجي ملازمن کي 70 سيڪڙو ڊي آر اي ڏئي رهيو آهي پر سنڌ حڪومت پنهنجي ملازمن کي هڪ پرسنٽ به ڊي آر اي نه ڏئي رهيو آهي .