سنڌ بابت توهين آميز ٻوليءَ ڳالهائيندڙ پي ٽي وي جو اينڪر رضوان رحمان رضي معطل ٿي ويو

فہرستِ مضامین

پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) انتظاميا سوشل ميڊيا تي شديد ڪاوڙ ۽ تنقيد جي اظهار کانپوءِ پنهنجي اينڪرپرسن رضوان رحمان عرف رضي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

رضوان عرف رضي پنهنجي هڪ وي لاگ ۾ سنڌين کي” ڀولڙن سان ڀيٽيو هو“ ۽ چيو هو ته سنڌي سڄو ڏينهن سنڌو سنڌو ڪري ٽپا ڏيندا ٿا وتن.

سينيٽر ضمير گهمري سميت سوشل ميڊيا تي ڪيئي سڄاڻ ڌرين رضوان رضي جي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو تعصب پکيڙي رهيو آهي، اُهو رياست جي اهم اداري ۾ ڪيئن ويهي ڪم ڪري سگهي ٿو، کيس پي ٽي وي تان هٽائڻ گهرجي.

سوشل ميڊيا تي اهڙي رد عمل کانپوءِ پي ٽي وي انتظاميا نوٽيس ورتو ۽ پنهنجي اينڪرپرسن رضوان رحمان رضي کي معطل ڪيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں