پاڪستان، خاص طور تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تازو مارچ ۽ اپريل مهينن ۾ ٿيندڙ برساتون هڪ اهم سوال اٿارين ٿيون، ڇا موسمن جو روايتي نظام بدلجي رھيو آهي؟
روايتي طور سنڌ ۾ برساتن جو مک موسم جون کان سيپٽمبر (سانوڻي) هوندو آهي، جڏهن ته مارچ/اپريل ۾ برساتون انتهائي گهٽ ۽ غيرمعمولي سمجهيون وينديون آهن، پر هاڻي صورتحال تبديل ٿيندي نظر اچي رھي آھي،
روايتي موسمي نظام: سنڌ ۾ برساتن جو پراڻو نمونو
سنڌ جي موسم هڪ مون سون (Monsoon) سسٽم سان لاڳاپيل آهي.
سانوڻي جون برساتون، جولاءِ کان سيپٽمبر مهيني دوران پونديون آهن .اولھ کان گھلندڙ ھوائن جي نتيجي ۾ سياري ۾ هلڪيون برساتون پوڻ معمول رهيو آهي، مارچ/اپريل جو مهينو موسمياتي حوالي سان عام طور خشڪ موسم طور ڳڻيو ويندو آهي.
بهار جي موسم ۾ برسات گهٽ پوندي آهي.
موسمياتي ۽ ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آھي ته موسمياتي ڦير گهير اچڻ ڪري غير موسمي برساتن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، هاڻوڪي سالن ۾ واضح تبديليون ڏٺيون پيون وڃن.
موسمياتي کاتي جي رپورٽ موجب اپريل 2024 ۾ پاڪستان ۾ 164٪ سيڪڙو وڌيڪ برسات ريڪارڊ ڪئي وئي. جيڪا انتهائي غيرمعمولي ڳالھ مارچ 2026 ۾ ڪراچي ۾ معمول کان گهڻي برسات (50mm کان وڌيڪ) رڪارڊ ٿي .
ڪيترن علائقن ۾ طوفاني هوائون، گجگوڙ ۽ اوچتو مينهن اهو ظاهر ڪري ٿو ته موسمي چڪر هاڻي اڳ جهڙو مستحڪم ناهي رهيو. موسمياتي ماهرن جو چوڻ آھي غير موسمي برسات ۾ واڌ ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب ڪلائميٽ چينج (Climate Change) آهي .
گرمي پد ۾ واڌ
لوبل وارمنگ سبب سمنڊ ۽ زمين گرم ٿي رهيا آهن .موسمياتي ماهرن موجب گرم هوا وڌيڪ نمي کڻي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ اوچتو ۽ تيز برسات جو وسڪارو شروع ٿي وڃي ٿو، گرمي پد وڌڻ ڪري موسمياتي ڦير گهير جو اثر پاڪستان تي به پيو آهي، موسمياتي ماهرن موجب پاڪستان ۾ هاڻي معمول کان سخت گرميون ,تيز برسات ۽ ٻوڏون اچڻ جو خدشو آهي. موسمياتي تبديلي واري وزارت پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي تہ مون سون سسٽم ۾ بي ترتيبي اچڻ ڪري جيڪا برسات اڳ 3 مهينن ۾ ٿيندي هئي، هاڻي هڪ ڏينهن يا ڪجهه ڏينهن ۾ ٿي وڃي ٿي .
مارچ/اپريل ۾ برساتن جو ٻيو وڏو سبب ايران ۽ افغانستان کان ايندڙ ٿڌيون هوائون آهن، جڏهن اهي گرم هوا سان ٽڪرائن ٿيون ته اوچتو تيز ۽ طوفاني برسات پوڻ شروع ٿي وڃي ٿي. موسمياتي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي تہ عرب سمنڊ گرم ٿي رھيو تہ سائڪلون ۽ گهٽ پريشر وارو سسٽم تيزي سان وڌي رھيو آهي. موسمياتي تبديلي جي حوالي سان دنيا ۾ به ساڳيو رجحان وڌي رهيو آهي. اهو مسئلو رڳو پاڪستان تائين محدود ناهي، آمريڪا ۾ مارچ ۾ غيرمعمولي گرمي لهر، ڏکڻ ايشيا ۾ غير موسمي برساتونفلپائن ۽ ٻين ملڪن ۾ طوفان ۽ ٻوڏ اهي سڀ گلوبل ڪلائميٽ سسٽم جي بي ترتيبي جا مثال آهن .