ڪراچي( رپورٽ: شبير لاشاري) سنڌ حڪومت ڏيڍ سال جو عرصو گذرڻ باوجود سنڌ ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن مقرر نہ ڪري سگھي ، اميدوارن جي سليڪشن لاءِ اسپيڪر پاران ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي.
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاھہ پاران جوڙيل 10 رڪني ڪميٽي ۾ پيپلزپارٽي ايم پي اي ريحانا لغاري،تنزيلا قمبراڻي، ياسمين شاھہ ، شازيا عمر، مليحا منظور ۽ مخالف ڌر ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ڪرن مسعود، قرت العين خان، فوزيا حميد، پي ٽي آءِ جي حمايت يافتہ ايم پي اي سجاد سومرو۽ جماعت اسلامي ايم پي اي محمد فاروق کي شامل ڪيو ويو آھي.
عورتن جي ترقي واري کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشيد زرداري ڊبليو ٽي اين نيوز کي ٻڌايو تہ سنڌ ۾ ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن جو عھدو گذريل ڏيڍ سالن کان خالي پيل آھي جنھن جي مقرري لاءِ رولز موجب وڏو وزير سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سان صلاح مشوري بعد ٻہ نالا تجويز ڪري پارلياماني ڪيمٽي ڏانھن اماڻيندو جنھن کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي تجويز ڪيل نالن مان انٽرويو بعد ڪنھن ھڪ کي چيئرپرسن جي عھدي جي مقرري جي سفارش ڪندي.
پارلياماني ڪميٽيءَ جي سربراھ ايم پي اي ريحانہ لغاري تصديق ڪندي ٻڌايو تہ سنڌ اسٽيٽ آف وومين ڪميشن جي چيئرپرسن لاءِ رحيمان پنھور ۽ روبينا بروھي جا نالا شامل آھن، جن تي غور ويچار بعد ھڪ نالو فائنل ڪري وڏي وزير ڏانھن مقرري لاءِ اماڻيو ويندو.
ذريعن موجب ڄاڻايل عھدي لاءِ شازيہ نظاماڻي جو نالو بہ شامل ھو، جيڪو ڊراپ ٿي ويو آھي.
روبينه بروھي وڪيل آھي، ھو عورت فائونڊيشن سان به واڳيل رھي آھي، رحيمان پنھور ھينڊس، واٽر ايڊ سميت مختلف تنظيمن سان واڳيل رھي آھي.