سنڌ اسيمبلي تي دھشتگرد حملي جو خدشو؟ سيڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سڪيورٽي ٿريٽس سبب حفاظتي انتظام سخت ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي.

سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي خطرن بابت سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجودہ حالتن ۾ سڄي صوبي اندر سيڪيورٽي خطرن کي بحث هيٺ آندو ويو.

ضياءُ الحسن لنجار جو اجلاس ۾ چوڻ هو تہ ماضي جي واقعن ۽ حادثن کي نظر ۾ رکندي اسان کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، ايئرپورٽ تي وڌيڪ رش سبب سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻو پوندو.

هن چيو تہ ايئرپورٽ تي پڪ اينڊ ڊراپ  لاءِ صرف هڪ کان ٻن ماڻهن کي اجازت هوندي،ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي، تنهنڪري پوليس کي قانون لاڳو ڪندڙ سمورن ادارن سان رابطن کي مضبوط بڻائڻو پوندو.

 گھرو وزير وڌيڪ چيو تہ حالتن کي نظر ۾ رکندي سمورن صوبن سان بهترين ڪوآرڊينيشن آهي، سنڌ جي سمورن جيلن ۾ تلاش ايپ ڊيوائس جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. سنيپ چيڪنگ، پيڪيٽنگ ۽ ڪومبنگ آپريشن دوران تلاش ايپ ڊيوائس استعمال ڪئي وڃي، جڏھن تہ صوبائي سطح تي داخلي ۽ خارجي رستن تي ليڊي سرچرز جو هجڻ لازمي آهي.

گهرو وزير هدايت ڪئي تہ هٿيارن جي نمائش خلاف بنا فرق جي ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي، نيشنل ايڪشن پلان جي سمورن شقن تي ان جي روح مطابق عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں