ڪراچي: سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنھن دوران قانون وارَي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار “سنڌ ليٽرز اينڊ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ ترميمي بل” ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي اسيمبلي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو.
قانون وارَي وزير موجب، ترميم کانپوءِ وراثتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو طريقو تبديل ٿي ويندو، اڳ اهو سرٽيفڪيٽ سيشن جج پاران جاري ڪيو ويندو هو، جڏھنتہ هاڻي اهو نادرا ذريعي جاري ڪيو ويندو، جنهن سان شهري آساني سان ۽ تڪڙا وراثتي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهندا۔
جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق اعتراض وارَي نقطي تي ڳالھائيندي چيو تہ ڪراچي يونيورسٽي اِي سي سي بي ايس شعبو هڪ اهم سائنسي ۽ تحقيقي مرڪز آهي، ان کي خودمختيار ڪرڻ جي ڪوشش تعليم لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي۔
هن چيو تہ اداري مان 500 کان وڌيڪ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ٿي چڪا آهن، جتي ڪيميا ۽ حياتيات جي تحقيق جاري آهي۔ جيڪڏحن اهو ادارو الڳ ڪيو ويو تہ عام ۽ غريب شاگردن لاءِ تعليم جا دروازا بند ٿي ويندا ۽ سنڌ جي شاگردن کي شديد پريشاني ٿيندي۔
حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس ھلائڻ واري ايم ڪيو ايم ميمبر جي مطالبي تي ڳالھائيندي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو تہ حڪومت جي ڪوشش آهي تہ هر روڊ تي بسون هلن ۽ حيدرآباد جي هر علائقي تائين باقاعدہ بس سروس پهچائي وڃي۔
هن چيو تہ ٽريفڪ انتظاميا سٺو ڪم ڪيو آهي، پر ٽريفڪ سسٽم ۾ وڌيڪ سڌارا آڻڻ لازمي آهن، “ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ لازمي ناهي ته هر ڀيري ٽرالر جو قصور هجي، هر حادثو ڪيس ٽو ڪيس ڏسڻو پوندو، جنهن جي به غلطي هجي، ان کي قانون موجب سزا ضرور ملڻ گهرجي.
شرجيل ميمڻ چيو تہ حڪومت سڀني جي آهي، سمورا ميمبر اسان کي پنهنجي تجويزون ڏين، انهن تي مڪمل سنجيدگي سان غور ڪنداسين۔ ڪوشش آهي تہ ايندڙ مهيني ٽيڪسي سروس بہ شروع ڪجي. ايوان ۾ مختلف مامرن تي بحث بعد اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو..