سنڌ اسيمبلي، ڀارت جـَي دفاع واري وزير جـِي سنڌ بابت بيان خلاف ٺھراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آھي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ڀارتي وزير جي بيان خلاف ٺھراءُ پيش ڪيو.
وڏي وزير مراد علي شاھ ٺھراءَ تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو تہ مئي مھيني ۾ پاڪستان ھٿان شڪست کانپوءِ ڀات جا ھوش خطا ٿي ويا آھن، ڀارت جي دفاع واري وزير سنڌو جو پاڻي ناھي پيتو، ان ڪري اھڙي حالت ٿي وئي اٿس.
ھن چيو تہ گندا آنا ھر ھنڌ ھوندا آھن، جيڪو سنڌو جو پاڻي پيئندو، اھو ڌرتي سان غداري نٿو ڪري سگھي.
اجلاس دوران خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو تہ ڀارتي وزير جو بيان بي بنياد آھي، خبر ناھي ته ڀارت ھاڻي ڪيترو عرصو دنيا جي نقشي تي ھوندو.
صوبائي وزير سردار شاھ چيو تہ جنگ دوران پاڪستان ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو، ڀارت جو ھڪ جھاز ايئر شو دوران بہ ڪِري پيو.
سندس چوڻ ھو تہ ڀارت جي وزير دفاع تاريخ سان مذاق ڪيو آهي، ان تاريخ ناهي پڙھي، سنڌ 6 هزار سال پهريان به هئي.
تعليمي بورڊز بابت بل منظور
سنڌ اسيمبلي ايوان ۾ بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ترميمي بل بہ منظور ڪري ورتو.
گورنر سنڌ جي اعتراضن بعد بل ٻيھر ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، بل قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار پيش ڪيو، جيڪو منظور ڪيو ويو.
اجلاس دورابن زرعي انڪم ٽيڪس جو ترميمي آرڊيننس ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، قانون ۽ پارلياماني مامرن واري وزير ضياءُ الحسن لنجا ربل ايوان ۾ پيش ڪيو.